نواز شريف 15 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو: تاريخ تي اتفاق ٿي ويو

آگسٽ 25, 2023

لنڊن(پنهنجي ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جو قائد نواز شريف 15 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو، پارٽي ۽ خاندان وچ ۾ تاريخ تي اتفاق ٿي ويو آهي

ذريعن موجب لنڊن ۾ مسلم ليگ ن  جي سربراهه نواز شريف ۽ اڳوڻي وزير اعظم شهباز شريف وچ ۾ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي سينئر اڳواڻن ۽ خاندان جي ڀاتين شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ ملڪ جي موجودا سياسي صورتحال، ايندڙ عام چونڊن لاءِ پارٽي جي اليڪشن مهم سميت نواز شريف جي وطن واپسي وارن معاملن تي مشاورت ڪئي وئي

ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ پارٽي سربراهه کي سيپٽمبر بدران آڪٽوبر جي وچ ۾ وطن واپسي جي صلاح ڏني جنهن بعد 15 آڪٽوبر واري تاريخ تي اتفاق ڪيو ويو

اجلاس ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو، جنهن لاءِ شهباز شريف ۽ مريم نواز کي تياريون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي

اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ قانوني ٽيم کي اهم ٽاسڪ پڻ ڏنو ويو آهي ٽيم سندس سزا ۽ وطن واپسي تي امڪاني گرفتاري کان بچڻ لاءِ قانوني رستو ڳوليندي

Leave A Comment