نواز شريف 4 سالن کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ پنهنجون اپيلون بحال ڪرڻ جي درخواست تي صحيحون

آڪٽوبر 21, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) نواز شريف 4 سالن کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو، سندس چوڻ آهي ته اسان 9 نه 28 مئي وارا آهيون، انصاف چاهيون ٿا، سڀ الله تي ڇڏيان ٿو

مسلم ليگ ن جو قائد نوازشريف دبئي ايئرپورٽ تان 170 مسافرن سان گڏ خصوصي جهاز ”اُميدِ پاڪستان“ ذريعي اسلام آباد پهتو، نواز شريف ايئرپورٽ تي ئي اعظم نذير تارڙ ۽ اسحاق ڊار سميت پنهنجي ليگل ٽيم سان ملاقات ڪئي

 نوازشريف ليگل ٽيم سان ملاقات دوران العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ پنهنجون اپيلون بحال ڪرڻ جي درخواست تي صحيحون ڪيون، اميگريشن مڪمل ٿيڻ بعد نواز شريف خصوصي جهاز ۾ سوار ٿي لاهور پهچي ويو

 نواز شريف مينارِ پاڪستان تي پهچڻ کانپوءِ نماز ادا ڪئي، اُن کانپوءِ جلسي گاهه ڏانهن هليو ويو، نوازشريف  مينار پاڪستان وٽ نون ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندو، وطن روانگي کان اڳ دبئي ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته اسان 28 مئي وارا آهيون 9 مئي وارا نه آهيون، اسان انصاف چاهيون ٿا، اڳ به چيو هو ته سڀ الله تي ڇڏيو آهي، هاڻي به الله تي ڇڏيان ٿو

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران-اسرائيل جنگ، عالمي صف بندي تيز ٿي وئي ، ڪير ڪنهن سان گڏ بيٺو آهي؟

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس