اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي اجلاس به سافٽ ويئر اپڊيٽ جو پڙاڏو رهيو اجلاس ۾ دلچسپ صورتحال پيدا ٿئي
نواز ليگ ميمبر پي اي سي پاران وزارت مواصلات جي عملدارن جي تعريف ڪئي
شيخ روحيل اصغر چيو ته منهنجو سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿي ويو آهي ان لاءِ تعريف ڪري رهيو آهيان هنن منهنجي علائقي ۾ هڪ روڊ ٺاهيو آهي ان ڪري هنن جي تعريف ته ٺهي ٿي
شيخ روحيل اصغر جي جملي تي ڊاڪٽر ملڪ مختار احمد چيو ته سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿيندو ناهي پر ڪيو ويندو آهي
نزهت پٺاڻ چيو ته شيخ روحيل اصغر سافٽ ويئر شايد پاڻ اپڊيٽ ڪرائي آيو آهي
پي ٽي آءِ تي پابندي لڳي ته عدالت هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيندي: وڪيل
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳي ته عدالت هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيندي
سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينئر وڪيل چيو ته ڀڃ ڊاهه انفرادي عمل آهي ان بنياد تي ڪنهن پارٽي تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي
هن چيو ته ماضي ۾ جماعت اسلامي تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ماضي ۾ سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته اوهان ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي نٿا لڳائي سگهو
سينيٽر علي ظفر چيو ته دهشتگردي ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙ جماعت بابت مختلف قانون آهن
هن چيو ته قانون تي عملدرآمد نٿو ٿئي عدالتون ضمانت ڏين ٿيون جيل مان نڪرندي ئي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ٿو وڃي اها لاقانونيت آهي عدالت ايڪشن کڻندي