بشير ميمڻ پاران ڪمال خان چانگ کي نواز ليگ ۾ شموليت جي دعوت

ڊسمبر 13, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نواز ليگ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي هڪ ٻي وڪيٽ ڪيرائڻ لاءِ تياري ڪري ورتي، بشير ميمڻ اڳوڻي ايم اين اي ڪمال خان چانگ سان ملاقات ڪري نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي قيادت سان ناراضگي بعد پاسيرو ٿيل بدين ضلعي جي اهم شخصيت ۽ اڳوڻي ايم اين سردار ڪمال خان چانگ به نواز ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

مليل ڄاڻ موجب نواز ليگ سنڌ جي صدر بشيرميمڻ جي ڪمال خان چانگ سان ملاقات ٿي آهي، ملاقات دوران چونڊن لاءِ تيارين ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

ملاقات ۾ ڪمال خان چانگ کي بدين ضلعي ۾ اهم ذميواريون ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي جڏهن کيس قومي اسيمبلي جي تڪ تان نواز ليگ جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهڻ جو پڻ چيو ويو آهي

ذريعن موجب ملاقات ۾ ڪمال خان چانگ خاطري ڪرائي ته ساٿين سان صلاح مشوري بعد بشير ميمڻ کي فيصلي کان آگاهه ڪندو

Leave A Comment