نواز ليگ نين تڪ بندين خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڊسمبر 7, 2023

نواز ليگ نين تڪ بندين خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته نواز ليگ نين تڪبندين مان مطمئن ناهي، مان پنهنجي تڪ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ويس پر منهنجي ڳالهه نه ٻڌي وئي

 لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته عام چونڊن ۾ بهترين اميدوار ميدان ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين

هن چيو ته ليول پلئينگ فيلڊ جو طعنو عجيب آهي، اڃا تڪبندين جا مسئلا هلي رهيا آهن، ن ليگ نين تڪبندين مان ڪنهن به صورت ۾ مطمئن نه آهي

سعد رفيق چيو ته نين تڪبندين ۾ منهنجو ۽ شهباز شريف جو تڪ متاثر ٿيو آهي، نين تڪبندين کي چئلينج ڪرڻ لاءِ عدالت وڃون پيا

Leave A Comment