ڪراچي اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز ليگ وارا ووٽ کي عزت ڏيو جي نعري تان هٽيا ته گڏجي هلڻ ڏکيو ٿي ويو، اسان جو رابطو عوام سان آهي، پر هُنن جو رابطو سليڪٽو ڪميٽي سان آهي
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي وٽ نواز ليگ کي هارائڻ جو تجربو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ کين هارائينداسين، نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اتحاد جو نقصان ٻنهي پارٽين کي ٿيندو، منهنجي اُنهن کان ڪابه شڪايت ناهي
پ پ چيئرمين چيو ته پارٽي کي نياپو ڏيان ٿو ته هاڻي ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت نه ڪريو، اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ نه ملندي، اُن هوندي به 8 فيبروري تي کٽي ڏيکارينداسين
ان کان اڳ ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ سنڌ سان گڏ وفاق ۾ به حڪومت ٺاهينداسين، پهريون ڀيرو وزيراعظم، سنڌ جو وڏو وزير ۽ ڪراچي جو ميئر جيالو هوندو
هن چيو ته عوام جي ساٿ سان وفاق ۽ صوبائي حڪومت ٺاهينداسين، ڪراچي جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي
سندس چوڻ هو ته 8 فيبروري تي تير جي نشان تي ٺپو لڳائڻو آهي، ڪراچي جي هر ضلعي ۾ راندين جا بهترين ميدان ٺاهيا ويندا، اسان رڳو ڪراچي نه، پر سڄي پاڪستان جي قسمت تبديل ڪنداسين