نواز ليگ پاران سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد ٺاهڻ جو فيصلو: جي ڊي اي سان گڏجي چونڊ وڙهڻ تي غور: پاڳاري سان رابطي جو امڪان

جُولاءِ 18, 2023

اسلام آباد (بيورو رپروٽ)نواز ليگ پنهنجي موجودا حڪومتي اتحادي پيپلز پارٽي خلاف سنڌ ۾ جي ڊي اي سان گڏجي چونڊ وڙهڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پيرپاڳاري سان رابطي جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) پاران عام چونڊن ۾ حڪمت عملي تي پارٽي جي اندروني مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن تحت پنجاب ۾ ڪنهن به پارٽي سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ ۽ ڪي پي ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي غور ڪيو ويو، پارٽي اڳواڻن جون تجويزون پارٽي قيادت تائين پهچايون ويون

هي به پڙهندا

ذريعن مطابق مسلم ليگ (ن) عام چونڊن ۾ ڪنهن به جماعت سان اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته چونڊن ۾ ٽڪيٽ لاءِ پهرين ترجيح ن ليگ جا وفادار هوندا، اليڪٽيبلز، تحريڪ انصاف جو مقابلو ڪندڙ تجربيڪار ۽ نوجوان ميمبرن کي به ٽڪيٽون ملنديون، لوٽن کي اهميت نه ڏني ويندي، استحڪام پاڪستان پارٽي، ق ليگ، جي يو آءِ ۽ پيپلز پارٽي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو نواز شريف ڪندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ڪنهن به جماعت کي مخصوص تعداد ۾ سيٽن جي پيشڪش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ به سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون ڪيون وينديون

ٻئي طرف ن ليگ سنڌ ۾ جي ڊي اي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي به غور ڪري رهي آهي، ليگي قيادت سنڌ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ پير پاڳاري سان رابطو ڪندي، انهي حوالي سان ڌرين ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، چونڊن ۾ نواز ليگ پاران جي ڊي اي جي حمايت ڪئي ويندي، گڏجي حڪمت عملي ٺاهيندا، هڪٻئي سامهون اميدوار نه بيهاريندا. جڏهن ته سنڌ ۾ جي يو آءِ جي حمايت به ڪئي ويندي

هوڏانهن بلوچستان ۾ نيشنل پارٽي ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي کي نواز ليگ سپورٽ ڪندي، مالڪ بلوچ سان سان مريم نواز ۽ شهباز شريف جي ملاقات ٿي چڪي آهي گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو پيو وڃي

Leave A Comment