نواز ليگ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سان 30 سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪندي، قومي اسيمبلي ڪڏهن ٽوڙي ويندي؟

جُولاءِ 31, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) نواز ليگ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، مدو پورو ٿيڻ کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري اماڻي ويندي

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته  پيپلزپارٽي سان 30 سيٽن تي سيٽ ايڊجمسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي، چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ سوڌو ٻين اتحادين سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي سگهي ٿي، جتي ايڊجسٽمينٽ جي ضرورت نه هوندي، اُتي نواز ليگ پنهنجو اُميدوار بيهاريندي

وزيراعظم چيو ته چونڊن ۾ نواز ليگ کٽي وئي ته وزيراعظم جو اُميدوار نواز شريف هوندو، مُدو پورو ٿيڻ کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ جي سمري صدر ڏانهن اُماڻينداسين، قومي اسيمبلي جو مُدو 12 آگسٽ جي رات 12 وڳي تائين آهي

انٽرويو دوران وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9 مئي سازش جو مُک ڪردار پي ٽي آءِ چيئرمين آهي، 9 مئي جا واقعا پاڪستان، فوج ۽ سپهه سالار خلاف سازش هئا، 9 مئي واري سازش ڪندڙن جي ڪوشش هئي ته فوج تختو اونڌو ڪري

Leave A Comment