نواز ليگ کي اميدوار نه مليا ؟ سنڌ سوڌو ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جا 51 تڪ خالي ڇڏي ڏنا

جنوري 22, 2024

لاهور (م ڊ) نواز ليگ کي اميدوار نه مليا ؟ سنڌ سوڌو ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جا 51 تڪ خالي ڇڏي ڏنا، پاڪستان مسلم ليگ ن عام چونڊن لاءِ قومي اسيمبلي جي تڪن تي پنهنجي اميدوارن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت 51 سيٽون خالي ڇڏيندي اتي ڪنهن کي به ٽڪيٽ ناهي ڏني وئي. مسلم ليگ ن جا اميدوار قومي اسيمبلي جي 212 سيٽن تي چونڊ وڙهندا. مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف جي اين اي 15 مانسهره ۽ اين اي 130 لاهور مان اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،جڏهن ته مسلم ليگ ن جو صدر ميان شهباز شريف اين اي 123 ۽ 132 تان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز اين اي 119 تان جڏهن ته حمزه شهباز اين اي 118 لاهور تان چونڊ وڙهندو. ان کان سواءِ قومي اسيمبلي جي 51 سيٽن تي ڪو به ن ليگي اميدوار اليڪشن ۾ حصو نه وٺي رهيو آهي. اين اي 4، اين اي 19، 20، 21، 22، 44، 45، 48 تي ڪو به ن ليگي اميدوار ناهي بيهاريو ويو. اهڙي طرح اين اي 54 64، 88، 92، 117، 128، 143، 149تي به ن ليگ پاران ڪو اميدوار نامزد ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته اين اي 165، 185 تي به نواز ليگ جو اميدوار ناهي، سنڌ ۾ قومي تڪن جا نمبر اين اي 190 کان 250 تائين آهن، نواز ليگ اين اي 206 کان اين اي 210 تائين جا تڪ به ن ليگ خالي ڇڏي ڏنا آهن، جتي به ڪي اميدوار ناهن بيهاريا ويا انهن تڪن ۾  اين اي 190 جيڪب آباد، اين اي 191 جيڪب آباد ڪشمور، 192 ڪشمور شڪارپور، 193 شڪارپور، 194 لاڙڪاڻو ون، 195 لاڙڪاڻو 2، 196 قمبر شهدادڪوٽ ون، 197 قمبرشهدادڪوٽ ٽو، 198 گهوٽڪي ون، 199 گهوٽڪي ٽو، 200 سکر ون، 201 سکر ٽو، 202 خيرپور ون، 203 خيرپور ٽو، 204 خيرپور ٿري تڪن تي به ن ليگ پاران ڪو اميدوار ناهي بيهاريو ويو. جڏهن ته اين اي 212 ميرپورخاص ٽو،  214 ٿرپارڪر ون، 215 ٿرپارڪر ٽو، 217 ٽنڊوالهيار، 218  حيدرآباد ون تي ن ليگ ڪنهن کي به ٽڪيٽ ناهي ڏني.  جڏهن ته اين اي 221 ٽنڊومحمد خان، 223 بدين ٽو، 224 سجاول، 228 دادو ٽو، 239 ڪراچي ڏکڻ ون، 245 ڪراچي اولهه ٽو تي به نواز ليگ جو اميدوار چونڊ نه وڙهندو، اهڙي ريت 264 اين اي 266 تي به ن ليگ جو ڪو اميدوار چونڊ نه پيو وڙهي.

Leave A Comment