نواز ليگ کي دوکو نه ڏيندس، چونڊون ٿيڻ واريون آهن: زرداري

جُون 24, 2023

لاهور(م ڊ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مون ڪنهن کي به دوکو ناهي ڏنو، نواز ليگ کي به دوکو نه ڏيندس، ملڪ جي معاشي حالت تڏهن بهتر ٿيندي جڏهن ڪو صنعتڪار ناڻي وارو وزير ٿيندو، چونڊون ٿيڻ واريون آهن پ پ ميثاق معيشت تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهي، عمران خان کي به معيشت تي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي

 آصف علي زرداري واپارين سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو ايمان آهي ته پاڪستان منفرد ملڪ آهي، جيڪو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، هن چيو ته ميثاق معيشت ڪري وٺو، آئون ميثاق معيشت تي ڳالهائڻ ۽ صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ملڪ ۾ تحفظ نه ملڻ جي ڪري پاڪستان جا سيڙپڪار ملڪ کان ٻاهر سيڙپ ڪندا آهن

هن چيو ته بنگلاديش مان ايڪسپورٽ ٿيندڙ 70 سيڪڙو شيون ڀارت جون ٺهيل هونديون آهن جن تي ميڊ ان بنگلاديش جو ٽيگ لڳائي ايڪسپورٽ ڪيو ويندو آهي

سندس چوڻ هو  ته پاڪستان لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، مصر جي ڪپهه جي ڪوالٽي بهتر آهي، اسان کي امداد نه پر واپار جا موقعا ڏسڻا پوندا، ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿيڻ بعد ايران پاڪستان گيس پائپ لائن ۾ ڪا رنڊڪ نه رهي آهي

آصف زرداري چيو ته ملڪ تڏهن ترقي ڪندو جڏهن ناڻي وارو وزير ڪاروباري برادري مان هوندو، جيڪي پاڪستان کي غريب ملڪ سمجهن ٿا اهي احمق آهن اسان غريب نه پر امير ملڪ آهيون، اسان کي پاڪستان کي امير بڻائڻو آهي ۽ توهان واپارين وسيلي پاڪستان امير ٿيندو. رڳو منهنجو ڪٽنب يا ڪجهه خاندان اميد ٿيندا ته ملڪ ترقي نه ڪندو، توهان سڀ امير ٿيندا ته پاڪستان امير ٿيندو

اڳوڻي صدر چيو ته ڪاروبار، ڪاروبار ۽ ڪاروبار ئي ملڪ جي مسئلن جو اڪيلو حل آهي. اها ڳالهه اسلام آباد ۾ ويٺلن کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته آئون ڇا ڪريان؟ صنعتڪار سمورين سياسي پارٽين سان ميثاق معيشت ڪرڻ تي ڳالهيون ڪن

 هن چيو ته چونڊون ٿيڻ واريون آهن پ پ ميثاق معيشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، عام ماڻهو جا مسئلا حل ٿيندا ته هو ٽيڪس ڏيڻ جي قابل ٿيندو، مون پي ٽي آءِ چيئرمين کي چيو هو ته اسان سان جيڪو وڻيو ڪريو پر معيشت سان مذاق نه ڪريو مون ڪرڪيٽر کي به چيو هو ته ميثاق معيشت تي ڳالهيون ڪريو

آصف زرداري چيو ته مون ڪنهن کي به دوکو نه ڏنو آهي ان ڪري مسلم ليگ نواز کي به دوکو نه ڏيندس هتي ڪاروبار تي ڳالهائڻ آيو آهيان سياست تي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته بلاول هائوس اچو

سندس چوڻ هو ته رڳو اِن ڳالهه تي روئڻ پٽڻ آهي ته وڌيڪ نوٽ نٿا ٺهن، ايڪسپوٽ وڌائي معيشت  کي بهتر ڪري سگهجي ٿو، ايراني سرحد تائين گئس پائيپ لائين ٺهي وئي آهي، رڳو اُن کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي، ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿيڻ بعد گئس پائيپ لائين آڏو رنڊڪون نه رهيون آهن، هاڻي ايران سان گڏ گئس پائيپ لائين جلد شروع ٿي ويندي

لاڳاپيل پوسٽون

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند

  • پاڪستان جو فلائيٽ آپريشن کي متاثر