لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) نواز ليگ پي ٽي آءِ تي چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي سازش جا الزام هنيا آهن، شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ڊي آر اوز ۽ آر اوز خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست چونڊن کان ڀڄڻ جي رٿابندي آهي
نواز ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ سائفر جيان 8 فيبروري تي رٿيل چونڊن خلاف سازش ڪري رهي آهي
ٻئي طرف بي اي پي اڳواڻ خالد مگسي پاران به ڊي آر اوز ۽ آر اوز خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست جي مذمت ڪئي وئي آهي