نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ نه، آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين، شينهن وارا اپوزيشن ۾ ويهندا: بلاول ڀٽو زرداري

جنوري 24, 2024

سرگوڌا(پنهنجي ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ نه، آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين، شينهن وارا اپوزيشن ۾ ويهندا

سرگوڌا جي علائقي ڀلوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري حڪومت ۾ اچي سڀني کي معاف ڪرڻ جو ٻيهر واعدو ڪيو، سندس چوڻ هو ته اسان لاءِ حرام هوندو ته اسان جي حڪومت ۾ ڪو سياسي قيدي هجي

پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته اسان مخالفن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي جيلن ۾ نه رکنداسين، سياسي انتقام جي راند ٻين سياستدانن کي کيڏڻ ڏيو، اسان عوام جي خدمت ڪنداسين

هن چيو ته چونڊون گار گند نه، پر منشور جي بنياد تي وڙهي رهيا آهيون، چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي خواهش رکندڙ هيل تائين منشور ئي ناهي ڏنو، عوام هُن تي پنهنجو ووٽ ضايع نه ڪري

ان کان اڳ سرگوڌا ۾ خطاب ڪندي پ پ چيئرمين هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي تنقيد جي توپن جو رخ ن ليگ  سربراهه نواز شريف ڏانهن ڪندي چيو ته نواز شريف بيڪ ڊور سان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر اسان سندس رستا روڪ ڪنداسين

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ۾ پ پ جو مقابلو ضياءَ الحق جي مسلم ليگ سان آهي،  جيڪڏهن نواز شريف اقتدار ۾ اچي ويو ته هو اهڙو انتقام وٺندو جو سڀ ياد رکندا، جڏهن به شينهن جي حڪومت ايندي آهي ته اهو عوام جو رت چوسيندو آهي

بلاول چيو ته ميان صاحب کي آڻي ٽي ڀيرا عوام ڀوڳي چڪو، هاڻي چوٿون ڀيرو عوام مٿان مڙهڻ جو تياريون ڪيون پيون وڃن، هن ڀيري مقابلو شهيد ڀٽو جي پارٽي ۽ ضياءُ الحق جي  پارٽي وچ ۾آهي، اسان نه ٿا چاهيون ته جيڪو ظلم پيپلز پارٽي سان ٿيو، اهو ڪنهن ٻي جماعت سان ٿئي

هن چيو ته حڪومت ملي ته ڪو به سياسي  قيدي نه هوندو نه ڪنهن جي ڀيڻ ۽ نه ڪنهن جي ڌيءُ جيل ۾ قيد  هوندي، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، اهي ٻئي جماعتون پنهنجي ڪارڪردگي ثابت ڪري چڪيون

پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ رڳو چهرا تبديل  ٿيندا رهن ٿا پر پاليسيون ساڳيون رهنديون اچن پيون، اڄ ملڪ بدترين معاشي بحران جو شڪار آهي

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پهريون ڀيرو وڏي وڏي انگ ۾ آزاد اميدوار اليڪشن وڙهي رهيا آهن، آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ پسند ڪنداسين، پ پ چيئرمين دعويٰ ڪئي ته هن وٽ مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو ٺوس منصوبو موجود آهي

ٻئي طرف لاهور ۾ اين اي 127 تي اليڪشن آفيس جي افتتاح بعد پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تي پ پ ڪامياب ٿيندي، اها ڪاميابي عوام ۽ لاهور جي هوندي، بلاول ڀٽو جو منشور عوام دوست آهي

Leave A Comment