نواز ليگ 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي کي نه مڃيو ته آزاد ڪشمير ۾ ڪيئن مڃيندا؟ : شرجيل ميمڻ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته نواز ليگ 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي کي نه مڃيو ته آزاد ڪشمير ۾ ڌانڌلي کي ڪيئن مڃيندا؟ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وفاقي حڪومت جي اُبتي ڳڻپ جو وقت شروع ٿي ويو آهي، ڇا وزيراعليٰ پنجاب، وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف پنهنجون سيٽون کٽيون هيون؟ آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن فارم 47 پلس ڪارروائي آهي، اها ڪارروائي پنجاب ۽ وفاق ۾ ويٺل فارم 47 جي حڪومتن ڪئي آهي، سينئر صوبائي وزير چيو ته  پيپلز پارٽي کي هارائڻ لاءِ وفاق ۽ پنجاب حڪومت جو ڳٺ جوڙ هو، هر ٻار کي خبر آهي ته چونڊون ڪيئن ٿيون؟ توهان ڌانڌلي ڪريو ٿا ۽ مڃو به ڪونه ٿا، سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير عطاء تارڙ چيو آهي ته شرجيل ميمڻ بي بنياد الزام هنيا، اُنهن جا ثبوت به پيش ڪري، آزاد ڪشمير ۾ نواز ليگ کي سادي اڪثريت ملي وئي آهي، مخالفن کي نواز ليگ جي ڪاميابي هضم نه ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي صبر جو مظاهرو ڪندي نتيجا مڃي ۽ اڳتي وڌي