نوان جتوئي :  علاج جون سھولتون نه هجڻ سبب عورت فوت

نوان جتوئي :  علاج جون سھولتون نه هجڻ سبب عورت فوت

نوان جتوئي (ن پ ا) نوان جتوئي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ علاج جون سھولتون نه هجڻ سبب عورت فوت، ان ڏس ۾ ڳوٺ شفيع محمد جيسر جي رھواسي سلطان جيسر جي زال کي اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ سبب علاج لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۽ بر وقت علاج نه  ٿيڻ سبب عورت دم ڏنو، واضح رهي ته  اسپتال ۾ منجھند ۽ رات وارين شفٽن ۾ ڪو به  ڊاڪٽر ناهي هوندو