نوان صوبا ضروري آهن، اڄ يا سڀاڻي هر حال ۾ ٺهندا: مصطفيٰ ڪمال

نوان صوبا ضروري آهن، اڄ يا سڀاڻي هر حال ۾ ٺهندا: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده سان لاڳاپيل صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته نوان صوبا هر حال ۾ ٺهندا. اڄ نه ته سڀاڻي نوان صوبا ٺاھڻا ئي پوندا. ڪالهه هتي هيلٿ ڪيئر ڊجيٽل سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته نوان صوبا وقت جي ضرورت آهن، اهي هر حال ۾ ٺهندا. هن چيو ته انتظامي معاملا بهتر بڻائڻ  لاءِ صوبا ٺاھڻا پوندا.  نوان صوبا ٺاهڻ  باوجود اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ صحت جو مسئلو رڳو علاج نه پر ناقص نظام ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري آهي، جنهن ڪري اسپتالن تي دٻاءُ وڌي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر سال 61 لک کان وڌيڪ ٻارڙن جو جنم ٿئي ٿو،  اڄ به 4 لک ٻارڙا ويڪسين کان محروم آهن،  هن چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي ڌيان نه ڏيڻ سبب 40 سيڪڙو ٻارڙا اسٽنڊ گروٿ جو شڪار آهن.