پاڪستان ۾ ڪجهه عرصي کان هڪ سوال وري ٻيهر زور وٺي رهيو آهي تہ ڇا موجوده صوبن کي ورهائي نوان صوبا ٺاهڻ سان ملڪ جا انتظامي، معاشي ۽ عوامي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا؟ ان جي حق ۾ سڀ کان عام دليل اهو ڏنو وڃي ٿو تہ وڏا صوبا صحيح انتظام نٿا هلائي سگهن، انھن جي گاديءَ جو هنڌ عوام کان پري آهي ۽ جيڪڏهن نوان صوبا يا انتظامي يونٽ ٺاهيا ويندا تہ عام ماڻهوءَ کي حڪومت، روزگار، تعليم، صحت ۽ ٻيون سهولتون سندس گهر جي ويجهو ملي سگهنديون
جيڪڏهن اهو فارمولو ايترو ئي ڪاگر هجي ها تہ پھرين جنوري 2016 تي فرانس پنهنجي 22 ريجنز کي 13 ريجنز تائين نه گهٽائي ها، بلڪه 22 کي 44 ڪري ها. پر پوء به هن دليل کي مڪمل طور رد نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ تہ ايراضيءَ ۾ وڏا ۽ جاگرافيائي طور پيچيده ۽ پٺتي پيل ڏورانهان علائقا واقعي نوَن انتظامي يونٽن (ضلعن ) جا محتاج ٿي سگهن ٿا. پر اصل سوال اهو آهي تہ ڇا پاڪستان جو بنيادي مسئلو صوبن جو ايراضي ۾ وڏو هجڻ آهي يا طاقت، وسيلن ۽ حڪمرانيءَ جي مرڪزيت آهي؟
جيڪڏهن مسئلو رڳو پري هجڻ آهي تہ بہ نوان صوبا ان جو ڪو حل نٿا ٿي سگهن ۽ جيڪڏهن مسئلو ڪمزور ادارا، ڪرپشن، سياسي مداخلت، مالي بي ضابطگي، ڪمزور لوڪل گورنمينٽ، جاگيرداراڻا ۽ سرداري طاقت جا ڍانچا، محدود صنعتي بنياد ۽ قرض تي هلندڙ معيشت آهي، تہ پوء رڳو نقشي تي نيون ليڪون ڪڍڻ سان عوام جي زندگيءَ ۾ بنيادي تبديلي نٿي اچي سگهي.
منهنجي نظر ۾ پاڪستان کي نون صوبن جي بحث کان اڳ نئين سماجي ۽ آئيني معاهدي تي سوچڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ وفاق، صوبن ۽ لوڪل گورنمينٽ جي وچ ۾ طاقت، ذميوارين ۽ مالي وسيلن جي واضح ورڇ ڪئي وڃي.
اصل سوال: طاقت ڪٿي آهي؟
ڪنهن بہ رياست کي سمجهڻ لاءِ اهو ڏسڻ ضروري آهي تہ فيصلا ڪٿي ٿين ٿا ۽ پئسو ڪٿي آهي. جيڪڏهن وفاق وٽ اختيار ۽ وسيلن جو وڏو حصو هجي، صوبو پنهنجي ذميوارين لاءِ وفاق تي دارومدار رکي، ۽ مقامي حڪومت وٽ عوامي مسئلن جي ذميواري تہ هجي پر بجيٽ، عملو ۽ انتظامي اختيار نہ هجن، تہ اهڙي نظام ۾ عوام لاءِ حڪومت اڃان بہ پري ئي رهندي.
ان ڪري اصل اصول هي هجڻ گهرجي:
جنهن سطح جي حڪومت کي ذميواري ڏني وڃي، تہ ان ذميواري لاءِ کيس قانوني اختيار، مالي وسيلا ۽ انتظامي صلاحيت پڻ ڏني وڃي. اها ئي اصل م decentralisation آهي.
او اي سي ڊي(OECD) organization for economic cooperation and development هڪ عالمي تنظيم آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ اقتصادي سهڪار ۽ ترقي جي تنظيم چئجي ٿو، جيڪا مختلف ملڪن جي وچ ۾ معاشي، انتظامي، سماجي ء حڪمراني جي پاليسين جو تقابلي جائزو وٺندي آهي. ان ۾ decentralisation جا ٽي بنيادي پاسا بيان ڪيا ويا آهن: سياسي اختيارن جي ورڇ، انتظامي ذميوارين جي منتقلي ۽ مالي وسيلن ۽ خرچن جي ورڇ. جيڪڏهن انهن مان هڪ پاسو بہ گهٽ هوندو تہ decentralisation جو عمل اڻپورو رهجي وڃي ٿو.
18هين آئيني ترميم ۽ آرٽيڪل 140-A: بنياد ته موجود آهي عمل ڪٿي آهي؟
پاڪستان جي آئين ۾ لوڪل گورنمينٽ لاءِ بنيادي آئيني تصور موجود آهي. آرٽيڪل 140-A موجب هر صوبو قانون ذريعي لوڪل گورنمينٽ جو نظام قائم ڪندو ۽ سياسي، انتظامي ۽ مالي ذميواريون ۽ اختيار چونڊيل مقامي نمائندن ڏانهن منتقل ڪندو. هي هڪ تمام اهم آئيني اصول آهي.
ان جو مطلب اهو ٿيو تہ پاڪستان ۾ سوال اهو ناهي تہ ”لوڪل گورنمينٽ هجڻ گهرجي يا نه؟“ آئين اڳ ۾ ئي ان جو جواب ڏئي چڪو آهي. اصل سوال اهو آهي تہ ڇا آرٽيڪل 140-A کي اهڙي نموني عملي بڻايو ويو آهي جو مقامي حڪومت واقعي هڪ بااختيار حڪومت بڻجي سگهي؟
جيڪڏهن مقامي حڪومت جي چونڊن جو وقت صوبائي حڪومت جي مرضيءَ سان بدلجي سگهي، جيڪڏهن ان جي بجيٽ ٻئي سطح جي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هجي، جيڪڏهن انتظامي عملو صوبائي حڪومت جي ماتحت هجي ۽ مقامي نمائندن وٽ پنهنجي علائقي بابت فيصلن ڪرڻ جا محدود اختيار هجن تہ پوءِ آئين جو مقصد مڪمل طور حاصل نٿو ٿئي. ان ڪري شايد بحث جو صحيح رخ هي هجڻ گهرجي تہ آرٽيڪل 140-A کي ڪاغذ کان ڪڍي عملي حڪمرانيءَ تائين ڪيئن آندو وڃي؟
صوبائي خودمختياري ضروري آهي، پر اها اڪيلي ڪافي ناهي. وفاقي نظام ۾ صوبائي خودمختياري انتهائي اهم آهي. هر صوبي جون تاريخي، معاشي، ثقافتي، جاگرافيائي ۽ سماجي ضرورتون مختلف هونديون آهن. تنهنڪري سڀ فيصلا هڪ مرڪز مان ڪرڻ سان مقامي حقيقتون نظرانداز ٿي سگهن ٿيون.
پر هتي هڪ ٻيو خطرو بہ آهي. جيڪڏهن اسلام آباد جي مرڪزيت گهٽائي وڃي ۽ سموري طاقت صوبائي گاديءَ ۾ گڏ ٿي وڃي تہ ڇا عوام واقعي بااختيار ٿيندو؟ مثال طور جيڪڏهن هڪ صوبو تعليم، صحت، پاڻي، مڪاني روڊن ۽ شهري منصوبابندي جا سمورا فيصلا پنهنجي سيڪريٽريٽ ۾ ڪري ۽ ضلعي يا ميونسپل حڪومت رڳو عمل ڪرائڻ واري اداري طور ڪم ڪري تہ اها بہ مرڪزيت ئي آهي، صرف مرڪز جي جاءِ تبديل ٿي آهي. تنهنڪري وفاقي مرڪزيت کان صوبائي مرڪزيت ڏانهن منتقلي کي بہ decentralisation نٿو چئي سگهجي.
حقيقي decentralisation تڏهن ٿيندي، جڏهن اختيار صوبن کان هيٺ ضلعن، ميونسپالٽين ۽ مقامي ادارن تائين منتقل ٿين.
مالي خودمختياري: طاقت جي اصل ماپو آهي
ڪنهن اداري جي طاقت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو تہ ان وٽ پنهنجي ذميوارين لاءِ ڪيترا وسيلا آهن. جيڪڏهن شهر جي ميئر کي صفائي جي ذميواري ڏني وڃي پر صفائيءَ جي بجيٽ ڪنهن ٻئي صوبائي کاتي وٽ هجي تہ ميئر عوام کي جواب ڪيئن ڏيندو؟ جيڪڏهن ضلعي حڪومت کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻيون هجن پر ترقياتي فنڊ ڪنهن ٻئي اداري جي مرضيءَ سان جاري ٿين تہ پوء چونڊيل نمائندي جي حيثيت ڪهڙي رهندي؟
ان ڪري مالي decentralisation کان سواءِ سياسي decentralisation اڻپوري آهي.
او اي سي ڊي جي ڊيٽا ۽ مطالعي ۾ واضح ٿئي ٿو تہ مختلف ملڪن ۾ subnational حڪومتن جي مالي خودمختياري تمام مختلف آهي؛ ڪجهه ملڪن ۾ مقامي ادارا پنهنجي آمدني جا اهم ذريعا رکن ٿا، جڏهن تہ ٻين ۾ اهي مرڪزي منتقلي تي گهڻو دارومدار رکن ٿا.
ڊينمارڪ جو مثال:
ڊينمارڪ ۾ ميونسپالٽيون مقامي ٽيڪسن مان اهم آمدني حاصل ڪن ٿيون، جن ۾ آمدنيءَ تي مقامي ٽيڪس اهم آهي. OECD جي وضاحت موجب، ميونسپالٽين کي مقامي ٽيڪس جي شرح مقرر ڪرڻ جي گنجائش حاصل آهي، جڏهن تہ رياست سان مالي فريم ورڪ بابت ساليانا انتظام پڻ موجود آهن.
هي مثال پاڪستان لاءِ ان ڪري اهم آهي جو هتي مقامي حڪومت کي صرف ذميواري ڏيڻ بدران آمدني پيدا ڪرڻ ۽ خرچ ڪرڻ جي صلاحيت پڻ ڏني وئي آهي.
سوئٽزرلينڊ – ننڍا صوبا نہ پر، گهڻ- سطحي خودمختياري:
سوئٽزرلينڊ کي رڳو ان ڪري ڪامياب مثال نہ سمجهڻ گهرجي تہ اتي ننڍا انتظامي يونٽ آهن. ان جي اصل طاقت وفاق، ڪينٽوز (ننڍا يونٽ) ۽ ميونسپالٽين جي وچ ۾ اختيارن جي ورڇ آهي.
او ئي سي ڊي جي انگن اکرن موجب سوئٽزرلينڊ ۾ مقامي ۽ ڪينٽونل سطحون ٽيڪس نظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. مقامي ۽ ڪينٽونل آمدني ٽيڪس وفاقي سڌي ٽيڪس جي مقابلي ۾ بہ تمام اهم آهن.
اهو پاڪستان لاءِ هڪ اهم سبق آهي تہ “طاقت کي ننڍن نقشن ۾ ورهائڻ کان وڌيڪ اهم آهي طاقت کي مختلف حڪومتي سطحن ۾ ورهائڻ گهرجي.”
اسڪينڊينيائي ماڊل جو سبق:
ڊينمارڪ، فنلينڊ، سويڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن ۾ مقامي حڪومتون تعليم، صحت، سماجي خدمتن ۽ ٻين عوامي شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. او ئي سي ڊي موجب 2020ع ۾ OECD ملڪن ۾ subnational حڪومتن جو حصو مجموعي سرڪاري خرچن ۾ سراسري طور 37 سيڪڙو هو، جڏهن تہ ڪينيڊا، ڊينمارڪ ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ اهو حصو 50 سيڪڙي کان بہ وڌيڪ هو. ساڳي طرح subnational حڪومتن OECD ۾ مجموعي سرڪاري عوامي سيڙپڪاري جو سراسري طور 55 سيڪڙو حصو سنڀاليو. ان مان هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي تہ ترقيءَ لاءِ مقامي حڪومت کي صرف صفائي ۽ ڪچرو کڻڻ واري اداري تائين محدود رکڻ ڪافي ناهي، بلڪه ان کي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جو فعال حصو بڻائڻو پوندو.
پاڪستان ۾ نوان صوبا ڪڏهن ضروري ٿي سگهن ٿا؟
ان جو مطلب اهو ناهي تہ پاڪستان ۾ نوان صوبا ڪڏهن بہ نہ ٺاهڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪو علائقو جاگرافيائي طور تمام وڏو هجي، آبادي ۽ فاصلو گهڻو هجي، انتظام هلائڻ ڏکيو هجي، علائقي جي معاشي ۽ انتظامي ضرورتون الڳ هجن ۽ نئين يونٽ جي مالي ۽ ادارياتي مضبوطي جا امڪان موجود هجن، تہ نئين صوبي تي اتان جي رهاڪن جي مرضي سان جيڪڏهن اهي ضروري سمجهن ته ان تي بحث ٿيڻ گهرجي. پر ان لاءِ ڪجهه سوال لازمي هجڻ گهرجن:
* ڇا عوام واقعي ان تبديليءَ جو مطالبو ڪري ٿو؟
* ڇا نئون صوبو مالي طور قابلِ عمل هوندو؟
* ڇا نئون انتظامي ڍانچو عوامي خدمتون بهتر ڪندو؟
* ڇا نئين يونٽ ۾ اداراتي صلاحيت موجود آهي؟
* ڇا نئون صوبو مقامي حڪومتن کي وڌيڪ طاقت ڏيندو يا نئين صوبائي مرڪزيت پيدا ڪندو؟
جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب واضح نہ هجن تہ صرف سياسي نعري جي بنياد تي نئون صوبو ٺاهڻ شايد مناسب حل نہ هجي.
ڪرپشن جو مسئلو يونٽ وڌائڻ سان ختم نہ ٿيندو: جيڪڏهن موجوده نظام ۾ ڪرپشن جو سبب ڪمزور احتساب، سياسي مداخلت، غيرشفاف خريداري، ڪمزور آڊٽ، سرڪاري وسيلن تي اشرافيا جو اثر ۽ ادارن جي ڪمزوري آهي تہ نوان صوبا ٺاهڻ سان اهي سبب پاڻمرادو ختم نہ ٿيندا. بلڪه جيڪڏهن هر نئين صوبي سان نئين اسيمبلي، نئين سيڪريٽريٽ، نئين بيوروڪريسي ۽ نوان ترقياتي کاتا پيدا ٿين تہ رياستي خرچ وڌڻ جو خطرو بہ موجود آهي. پر اهو بہ قطعي اصول ناهي تہ نوان صوبا ڪرپشن ضرور وڌائيندا. جيڪڏهن نئين يونٽ سان مضبوط ادارا، شفاف بجيٽ، آزاد آڊٽ، ڊجيٽل نگراني ۽ عوامي احتساب اچي تہ انتظام بهتر بہ ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري مسئلو يونٽن جي تعداد کان وڌيڪ ادارن جي معيار جو آهي.
پاڪستان جو سماجي ڍانچو بہ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي:
پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ طاقت جا سماجي ڍانچا به مختلف آهن.
بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي ڪيترن علائقن ۾ قبائلي ۽ سرداري اثر اڃان بہ سياسي زندگي تي اثرانداز ٿين ٿا, جڏهن تہ سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن ڳوٺاڻن علائقن ۾ جاگيردار، وڏيرا ۽ سياسي خاندان اثر رکن ٿا. پر پاڪستان کي مڪمل طور انهن پراڻن سماجي ڍانچن ۾ بند سماج سمجهڻ بہ درست نہ ٿيندو. وڏن شهرن ۾ وچولو طبقو، ڪاروباري طبقو، مزدور، تعليم يافته نوجوان ۽ نوان سماجي گروهه بہ تيزيءَ سان وڌيا آهن.
اصل مسئلو اهو آهي ته قديم طاقت جا ڍانچا جديد رياستي ادارن سان گڏ موجود آهن. ان ڪري جيڪڏهن نئون صوبو بہ ساڳين طاقتور خاندانن يا اشرافيه جي قبضي ۾ اچي وڃي تہ انتظامي سرحد تبديل ٿيندي، پر طاقت جو ڪردار تبديل ڪونہ ٿيندو اهو تجربو جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾ ٿي چڪو آهي
نئين سماجي معاهدي جا بنيادي اصول:
پاڪستان کي جيڪڏهن واقعي نئين حڪمرانيءَ ڏانهن وڃڻو آهي تہ هڪ وسيع سماجي ۽ آئيني معاهدي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هي اصول شامل ٿيڻ گهرجن:
پهريون: وفاق جا اختيار واضح ڪيا وڃن..دفاع، پرڏيهي پاليسي، ڪرنسي ۽ قومي سطح جا معاملا وفاق وٽ هجن.
ٻيون: صوبن کي حقيقي مالي ۽ انتظامي خودمختياري ڏني وڃي.
صوبن کي پنهنجي ذميوارين مطابق وسيلا ۽ پاليسي ٺاهڻ جي آزادي هجي.
ٽيون: لوڪل گورنمينٽ کي آئيني طور مضبوط ڪيو وڃي. آرٽيڪل 140-A جي روح مطابق مقامي حڪومتن کي سياسي، انتظامي ۽ مالي اختيار عملي طور منتقل ڪيا وڃن.
چوٿون: مالي ورڇ جو شفاف نظام هجي:
وفاق کان صوبن ۽ صوبن کان مقامي حڪومتن تائين وسيلن جي ورڇ واضح ۽ قانوني هجي.
پنجون: احتساب هر سطح تي هجي:
وفاق، صوبو ۽ لوڪل گورنمينٽ هر سطح پنهنجي خرچ ۽ فيصلي لاءِ عوام ۽ قانون اڳيان جوابده هجي.
ڇهون: نون صوبن بابت فيصلو اصولن ۽ عوامي راءِ سان ٿئي. جذباتي نعرا نہ، پر آبادي، جاگرافي، معاشي صلاحيت، انتظامي ضرورت، مالي مضبوطي ۽ عوامي راءِ کي بنياد بڻايو وڃي.
آخري سوال: نوان صوبا يا نئون نظام؟
پاڪستان جي مسئلي جو حل شايد ”چار صوبا يا اٺن صوبن“ واري سوال ۾ نہ آهي پر اصل سوال هي آهي تہ طاقت ڪٿي هجي؟ پئسو ڪٿي هجي؟ فيصلو ڪير ڪري؟ ۽ عوام کي جواب ڪير ڏئي؟
جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب صحيح نموني ڏنو وڃي تہ نوان صوبا بہ مستقبل ۾ انتظامي ضرورت تحت ٺاهي سگهجن ٿا ۽ موجوده صوبن کي بہ برقرار رکي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن طاقت مٿي ئي مرڪوز رهي تہ چئن صوبن جي جاءِ تي اٺ صوبا، اٺن جي جاءِ تي ٻارهن صوبا بہ ٺاهيا وڃن تہ عام ماڻهوءَ جي حڪمرانيءَ ۾ بنيادي تبديلي نہ ايندي پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن وفاق مضبوط پر محدود هجي، صوبن کي حقيقي خودمختياري هجي، لوڪل گورنمينٽ کي آئيني تحفظ ۽ مالي اختيار حاصل هجن، وسيلن جي ورڇ شفاف هجي ۽ احتساب هر سطح تي موجود هجي، تہ ساڳيا انتظامي نقشا به گهڻي بهتر حڪمراني پيدا ڪري سگهن ٿا.
تنهنڪري پاڪستان لاءِ پهريون سوال ”نوان صوبا ڪڏهن ٺاهيون؟“ نه، پر:”نئين حڪمرانيءَ جو معاهدو ڪڏهن ٺاهيون؟“ هجڻ گهرجي ڇو تہ:
نقشو تبديل ڪرڻ سان رياست جو ڍانچو بدلجي سگهي ٿو؛ پر طاقت، وسيلا ۽ اختيار عوام تائين منتقل ڪرڻ سان ئي حڪمراني جو طريقو بدلجي سگهي ٿو.
رياست جي ڪاميابي ان ڳالهه سان نہ ماپي وڃي تہ ان وٽ ڪيترا صوبا آهن، پر ان سان ماپي وڃي تہ هڪ عام شهري کي انصاف، تعليم، صحت، روزگار، پاڻي، صفائي ۽ عزت سان زندگي گذارڻ جا ڪيترا موقعا حاصل آهن.
شايد پاڪستان کي نوَن صوبن کان اڳ نئين سماجي معاهدي جي ضرورت آهي اهڙي معاهدي جي، جنهن ۾ طاقت مٿي کان هيٺ اچي، وسيلا ذميواريءَ سان گڏ منتقل ٿين ۽ حڪومت جو آخري مقصد خود حڪومت نہ، پر انسان جي بهتري هجي.