نوان ڪئنال ضروري آهن ته ٺهڻ گھرجن، ڪالاباغ ڊيم وانگر سياست ڪئي پئي وڃي، قومپرست گورنر هائوس اچي ڳالهيون ڪن: گورنر ڪامران ٽسوري

مارچ 26, 2025

حيدرآباد(رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيوآهي ته سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ٺاهڻ ضروري آهن ته اهي ٺهڻ گھرجن، ڪالاباغ ڊيم جيان ڪئنالن تي به سياست ٿي رهي آهي. حيدرآباد جي لطيف آباد يونٽ نمبر 7 جي هڪ مقامي هوٽل ۾ سحري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو. ان موقعي تي متحده پاڪستان جو اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، ايم اين اي عبدالعليم خانزادو، ايم اين اي وسيم خان، ايم پي اي صابر قائمخاني، ايم پي اي ناصر قريشي، ايم پي اي راشد خان ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻيا به موجود هئا.  تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته جيڪڏهن گورنر هائوس حيدرآباد ۾ هجي، ته ان جا دروازا 24 ڪلاڪ عوام لاءِ کليل رهندا. هن شھر جي 50 هزار نوجوانن کي پڻ  آءِ ٽي ڪورسز جي سهولت مهيا ٿي سگهندي هن وڌيڪ چيو ته “جلدي ئي ڪراچي جيان حيدرآباد ۾ به آءِ ٽي ڪورس شروع ٿيندو.هن چيو ته حڪومتي فنڊ کانسواءِ هن مهل  تائين 10 لک راشن جا ٿيلها غريب عوام ۾ ورهايا ويا آهن، ڪيترن ئي  ماڻهن جون چوري ٿيل  موٽرسائيڪلن جي جاءِ تي نيون موٽرسائيڪلون ڏنيون ويون آهن ۽ 12 هزار ليپ ٽاپ نوجوانن ۾ تقسيم ڪيا ويا آهن. بعد ۾، گورنر ڪامران ٽسوري ميڊيا سان ڳالھ ٻولهه ڪندي چيو ته  جئين ڪالاباغ ڊيم تي سياست ٿي ائين ئي سنڌو درياءَ تي 6ڪئنالن واري معاملي تي سياست ٿي رهي آھي، جيڪڏھن سنڌ جي قومپرست پارٽين کي اعتراض آھي ته گورنر ھائوس جا در کليل آھن، ھتي ويھي ڳالھيون ڪيو، جيڪڏهن ڪئنال ٺھڻ ضروري آھن ته ٺھڻ گھرجن، جيڪڏهن ضروري ناهي ته نه ٺھڻ گھرجن ھن چيو ته”اڄ 24 هين سحري جي تقريب ايم ڪيو ايم جي زونل انچارج ۽ زون جي ساٿين طرفان منعقد ڪئي وئي آهي. اڄ هتي منهنجو تاريخي استقبال ٿيو آهي.” هن چيو ته “حيدرآباد ڪراچي کانپوءِ سنڌ جو ٻيو وڏو شهر آهي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي ٿو، تنهنڪري هن شهر جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجي.” هن پرڏيهه تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويندڙ  نوجوانن لاءِ فري اسڪالرشپ جو اعلان به ڪيو. ھن چيو ته “حيدرآباد ۾ ٻن مهينن جي اندر آءِ ٽي يونيورسٽي قائم ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو.”  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته “ڊمپر حادثا افسوسناڪ آهن، جن جو فوري حل ڳولڻ گهرجي.” هن گذريل ڏينهن ڊمپر هيٺ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويل زال مڙس جي دردناڪ موت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته “ڪراچي ۾ ٽريفڪ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته  جيئن ڊمپر جي ڪري ٿيندڙ حادثن کان بچي سگهجي.”

 

Leave A Comment