| نوجوانن ڀارتي ايوانن کي لوڏي ڇڏيو، شاگردن تي تشدد خلاف مظاهرا، ڌرڻا، راهول ۽ پريانڪا گانڌي گرفتار |
نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ نوجوانن جي ڪاڪروچ جنتا پارٽي مودي سرڪار جي ايوانن کي ڌوڏي ڇڏيو، پارليامينٽ هائوس آڏو نوجوانن تي پوليس جي وحشياڻي تشدد خلاف ڀارت جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا، نوجوانن پاران امتحانن دوران پيپر ليڪ ٿيڻ تي تعليم واري وزير سوڌو وزيراعظم مودي جي به استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ پوليس جي سخت ڪريڪ ڊائون کانپوءِ به ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو احتجاج جاري آهي، هزارين ماڻهن ٻيهر گڏ ٿي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي، نوجوانن جي اڳواڻي هيٺ هلندڙ هي تحريڪ تعليمي سڌارن ۽ تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفا جو مطالبو ڪري رهي آهي. جڏهن ته سومر ڏينهن هزارين نوجوانن احتجاج ڪندي پارليامينٽ ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي هئي، پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون هيون، 60 مظاهرين زخمي ٿيا، 118 اهلڪار زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، 70 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ڪاڪروچ جنتا پارٽي هڪ طنزيه سياسي تحريڪ آهي، جيڪا ڀارت جي چيف جسٽس جي هڪ بيان کانپوءِ وجود ۾ آئي، جنهن ۾ هن بيروزگار نوجوانن بابت ڪاڪروچ جو لفظ استعمال ڪيو هو. گذريل هڪ مهيني کان احتجاج ڪندڙ نئين دهلي جي مشهور هنڌ جنتر منتر تي ڌرڻو هڻي ويٺا آهن، جڏهن ته 28 جون کان سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ جي به سندن مطالبن جي حمايت ۾ بک هڙتال جاري آهي. هوڏانهن شاگردن تي تشدد خلاف ڀارتي اپوزيشن پارٽي ڪانگريس پاران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي گهر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پوليس مظاهري تي ڪڙڪي پئي، اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي ۽ پريانڪا گانڌي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ڪانگريس اڳواڻن شاگردن تي تشدد جي مذمت ڪندي مودي ۽ اميت شاهه جي استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو. راهول گانڌي جو چوڻ هو ته ملڪي تعليمي نظام تي آر ايس ايس قبضو ڪري ورتو، مودي نوجوانن جو سڀ کان وڏو دشمن آهي.