ملاڪاتيار (رپورٽر) بلڙي شاهه ڪريم ويجهو نوجوان شادي ۾ دير ڪرڻ تان مائٽن سان ڪاوڙجي ڦاهي کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڳوٺ عباس گجر ۾ 22 ورهين جي نوجوان بشير پٽ شبير گجر گهر ڀرسان وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهي کائي زندگي جو انت آندو
اطلاع تي بلڙي شاهه ڪريم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن ٻڌايو آهي ته نوجوان شادي ۾ دير ڪرڻ تان ناراض ٿي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي