نوجوان يوٽيوب مان سکي لکين ڊالرز جي ڪمپني ٺاهي ورتي

نوجوان يوٽيوب مان سکي لکين ڊالرز جي ڪمپني ٺاهي ورتي

ٽورنٽو (انٽريسٽنگ نيوز) نوجوان يوٽيوب مان سکي لکين ڊالرز جي ڪمپني ٺاهي ورتي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪينيڊا واسي نوجوان ٽوان لي يوٽيوب مان ايڊيٽنگ سکي ڪاميابيون ماڻيون. نوجوان حيرت ۾ وجهندڙ 14 لک ڊالر ماليت جي وڏي ڪمپني جوڙي ورتي ، ٽوان لي آن لائن وڊيوز جي مدد سان گهٽ معاوضي ۾ خدمتون فراهم ڪري ٿو، نوجوان وڊيو پروڊڪشن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ بعد مضبوط پورٽ فوليو تيار ڪيو. پهرين سال آمدني 85 هزار ڊالر رهي ٻئين سال هڪ لک 74 هزار ڊالر ٿي وئي جڏهن ته ڪو وڊ اچڻ بعد سندس ڪمپني کي ٽئين ۽ چوٿين سال خاص ڪاميابي نه ملي ان باوجود هن همت نه هاري ۽ پنجين سال ۾ وري ڪاميابين ڏانهن قدم رکيو. 5 سالن دوران نوجوان ٽوان کي پنهنجي ڪمپني کي وڌائي 14 لک ڊالرز تائين پهچايو.