نوجوان ڇوڪري ڏيکاري ڪراڙي پرڻائي ويا: گهوٽ جو پي عدالت پهچي ويو

آگسٽ 15, 2023

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ 28ورهين جي ناري بدران 41ورهين جي عورت سان نڪاح، نوجوان انصاف لاءِ عدالت پهچي ويو

خيرپور سيشن عدالت ۾ اخلاق احمد ميراڻي درخواست داخل ڪرائي، عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي عمران لاشاري، امجد لاشاري، شفيق پٺاڻ، الهه بخش ۽ مسمات رومانه خلاف نوٽيس جاري ڪندي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو

اخلاق احمد ميراڻي درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته جوابدارن منهنجي پٽ جي شادي هڪ 28 سالن جي ناريءَ سان ڪرائڻ بهاني ٽي لک رپيا ورتا ۽ بعد ۾ 28 سالن جي ناريءَ بجاءِ نڪاح 41 سالن جي اڌڙوٽ عورت سان ڪرائي ڇڏيو آهي

درخواسگذار موقف اختيار ڪيو ته عورت ٻين جوابدارن سان ملي گهر مان سونا زيور ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي وئي آهي. هن عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Leave A Comment