نوجوان کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ واري ڪيس ۾ 2 ايس ايچ اوز سوڌو 5 پوليس اهلڪار باعزت بري

جُولاءِ 22, 2023

کپرو (رپورٽر)  کپرو ۾ نوجوان کي مبينا ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارڻ واري ڪيس ۾ 5 پوليس اهلڪارن کي باعزت بري ڪيو ويو آهي

گذريل سال پوليس هٿان نوجوان مهورت بوزدار جي مبينا مقابلي ۾ مارجڻ واري مامري جو 20 اپريل 2023ع تي پير آغا روشن علي جيلاني راڻيپور جي هدايتن تي جرڳو ٿيو هو

اڳوڻي تعلقي ناظم خدا بخش درس جي رهائشگاهه کپرو ۾ ٿيل جرڳي ۾ الزام هيٺ آيل

الهبچايو ٿيٻو مٿان 45 لک، پوليس اهلڪارن مٿان 40 لک يعني مجموعي طور 45 لک رپيا پوليس مٿان ڏنڊ رکيو ويو هو جنهن بعد نوجوان جي وارثن ۽ اهلڪارن ۾ ٺاهه ٿي ويو هو

ايڊيشنل سيشن جج کپرو علم الدين جانوري ان ڪيس ۾ ٻن ايس ايچ اوز اسلم بلو، مقصود مڱڻهار ۽ ربڏنو، نور محمد ڪنڀر سوڌو3 پوليس اهلڪارن کي بري ڪري ڇڏيو

Leave A Comment