نوجوان 24 سالن جو دماغ 70 سالن جي پوڙهي جيترو؟ عجيب بيماري

نوجوان 24 سالن جو دماغ 70 سالن جي پوڙهي جيترو؟ عجيب بيماري

لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) 24 سالن جي عمر ۾ هڪ نوجوان جو دماغ ايتري شدت سان متاثر ٿي ويوجو اهو 70 سالن جي شخص جي دماغ جيان ڪم ڪرڻ لڳو، ان ناياب ۽ حيران ڪندڙ بيماري برطانيا جي اينڊري يارهم کان زندگي کسي ورتي، جيڪو سائنس لاءِ هڪ اهم تحقيق پويان ڇڏي ويو. نوجوان جي لاڏاڻي کانپوءِ والدين ان جو دماغ سائنسي تحقيق لاءِ عطيو ڪيو، بي بي سي موجب برطانيا جي سڀ کان گهٽ عمر ڊيمينشيا مريض اينڊري يارهم 24 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو، اينڊري کي هڪ ناياب قسم جي دماغي بيماري هئي، جنهن سبب ان جو دماغ تيزي سان ڪمزور ٿيندو رهيو، نوجوان جي والده سمنيٿا فير برن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ان جي دماغ جو عطيو ڪنهن هڪ خاندان کي ان جي پياري سان ڪجهه سال وڌيڪ گذارڻ جو موقعو ڏئي سگهي ته اها تمام وڏي قرباني هوندي. سندس چوڻ هو ته اينڊري کي صرف 22 سالن جي عمر ۾ شروعاتي علامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿيون، مون محسوس ڪيو ته ان جي پٽ جي يادداشت ۽ رويي ۾ اوچتو تبديليون آيون آهن جيڪي ان جي شخصيت خلاف هيون. وڌيڪ علاج کانپوءِ ان جو دماغ  غيرمعمولي طور سڪندو رهيو کيس ڪيمبرج جي ايڊن بروڪس اسپتال ۾ ريفر ڪيو ويو جتي ان کي فرنٽو ٽيمپورل ڊيمينشيا جي تصديق ٿي، رپورٽ موجب اها هڪ ناياب بيماري آهي جيڪا عام طور تي 45 کان 65 سالن جي وچ ۾ ماڻهن کي متاثر ڪندي آهي، پر ڪجهه معاملن ۾ اها نوجوانن ۾ به ظاهر ٿي سگهي ٿي، اينڊري جي دماغ جي اسڪين مان پتو پيو ته ان جو دماع هڪ 70 سالن جي شخص جيان ڪم ڪري رهيو هو، نوجوان لاڏاڻي کان هڪ مهينو اڳ ڳالهائي به نه پئي سگهيو پر پنهنجي مزاح، کل ۽ مسڪراهٽ برقرار هيس، اينڊري جي زندگي جو اهو ناياب ۽ دردناڪ سفر ۽ ان جي دماغ جو عطيو، مستقبل ۾ ان بيماري جي علاج ۽ تحقيق ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.