نورا فتحي سان تڪراري گانو، سنجي دت معافي وٺي ڇڏي، 50 نياڻين جي تعليم جو خرچ ڀريندو

نورا فتحي سان تڪراري گانو، سنجي دت معافي وٺي ڇڏي، 50 نياڻين جي تعليم جو خرچ ڀريندو

نئين دهلي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار سنجي دت نورا فتحي سان گڏ فلمايل تڪراري گاني تي معافي وٺي ڇڏي، سرڪي چنر تيري سرڪي گاني تي شديد ردعمل سامهون آيو هو، عورتن بابت نيشنل ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ دوران اداڪار نه رڳو پنهنجي موقف جي وضاحت ڪئي پر سماجي ذميواري جو مظاهرو ڪندي قبائلي برادري سان تعلق رکندڙ 50 ڇوڪرين جي تعليم جا خرچ برداشت ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي ڇڏي.سنجي دت ڪميشن پاران جاري ڪيل سمن تي پيش ٿيو، جتي گاني ۾ مبينه فحش ۽ نازيبا مواد بابت کانئس وضاحت طلب ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران هن چيو ته کيس گاني جي ٻول، ترجمي يا ان جي حتمي پيشڪش بابت اڳواٽ ڪا تفصيلي ڄاڻ نه هئي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪردار رڳو هڪ پيشه ور اداڪار طور معاهدي موجب پرفارم ڪرڻ تائين محدود هو. اداڪار ڪميشن آڏو عورتن جي احترام، معاشرتي قدرن ۽ سماجي حساسيت جو اظهار ڪندي خلوص دل سان معافي گهري. سندس چوڻ هو ته هو ڪنهن به اهڙي مواد جي حمايت نٿو ڪري جيڪو عورتن يا ڪنهن به طبقي لاءِ نامناسب هجي. سنجي دت پنهنجي سماجي وابستگي ظاهر ڪندي اعلان ڪيو ته هو مهاراشٽر جي شهر ناگپور ۾ قبائلي برادري سان تعلق رکندڙ 50 ڇوڪرين جي هڪ سال جي تعليمي خرچن کي برداشت ڪندو. ان حوالي سان ٽن مهينن اندر عملدرآمد رپورٽ به ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ويندي.