| نورا فتيحي جون فٽبالر اشرف حڪيميءَ سان ويجھڙائيون |
ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ۽ ڊانسر نورا فتيحي ۽ فٽبالر اشرف حڪيميءَ وچ ۾ ويجھڙائيون وڌڻ جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب نورا فتيحي تازو سوشل ميڊيا تي هڪ فٽبال ميچ کان اڳ جا لمحا شيئر ڪيا، جيڪي وائرل ٿي ويا. گذريل ويڪ اينڊ تي نورا فتحي ايفڪون ٽرونامينٽ دوران مراڪش جي هڪ ميچ ۾ شرڪت ڪئي. جنهن بعد افواهه هليا ته نورا فتحي ڪنھن خاص رانديگر جي حمايت لاءِ مراڪش وئي هئي، جنهن جي باري ۾سمجهيوپيو وڃي ته اهو ٿي سگهي ٿو ته مراڪشي فٽبال ٽيم جو ڪپتان اشرف حڪيمي آهي. اشرف حڪيمي 27 ورهين جو پروفيشنل فٽبالر آهي جيڪو هن وقت فرانس جي مشهور ڪلب پيرس سينٽ جرمينجي لاءِ کيڏي ٿو. اڃا تائين نورا فتيحي توڙي اشرف حڪيميءَ پاران انهن خبرن جي حوالي سان ڪو رد عمل سامهون نه آيو آهي، پر مداحن جي دلچسپي وڌي وئي آهي. ياد رهي ته نورا فتيحي کان جڏهن هڪ انٽرويو دوران مراڪش جي تاريخ جي پسنديده فٽبالر بابت پڇيو ويو ته هن اشرف حڪيميءَ جو ئي نالو کنيو هو.