ڪوٽڙي( ن پ ا) ڀان سيد آباد ۾ قتل ڪيل نورعين جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نورعين جو موت لوندڙِ ۾ويجهو کان گولي لڳڻ سبب ٿيو آهي پر زخم واري هنڌ اهڙيون شاهديون ناهن مليون
سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ جي وومين ميڊيڪل آفيسر قرت العين ميمڻ جي صحيح سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نورعين کي ساڄي پاسي کان لوندڙي ۾ گولي لڳي کاٻي پاسي کان ڪراس ڪري وئي آهي جنهن سبب سندس مٿي ۾ 4 کان 6 سينٽي ميٽر زخم يا سوراخ ٿي پيو جنهن ڪري هن جو موت واقع ٿيو
رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته نورعين گولي ويجهي کان لڳل آهي پر ويجهي کان لڳل گولي سبب زخم جي جاء تي جيڪي سڙڻ يا گوليءَ جي شعلي سبب دونهين جا نشان ٿيندا آهن اهي زخم واري هنڌ نظر نه ٿا اچن
رپورٽ ۾ خودڪشي يا قتل کي واضح ڪرڻ بدران ڄاڻايل آهي ته خودڪشي يا قتل جو تعين جاء واردات تي مليل شاهدين يا پوليس جي جاچ مان ئي پوندو
ٻئي ڪجھ قانوني ۽ طبي ماهرن هن رپورٽ کي منجهائيندڙ ۽ مبهم رپورٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته مبهم رپورٽ هوندي به هيء رپورٽ 60 سيڪڙو قتل ڏانهن اشارو ڪري ٿي تنهن هوندي به هن رپورٽ مان مڪمل طور تي خودڪشي يا قتل جو سهي اندازو لڳائي نٿو سگهجي
ٻئي پاسي ايس ايس پي ڄامشورو ڊاڪٽر فرخ رضا موجب معاملي جي هر پاسي کان جاچ ڪري رهيا آهيون ڊي اين اي رپورٽ ۽ پسٽل جي فارينزڪ رپورٽ جو به انتظار آهي