Home » نورعين جي آپگهات کان 2 ڏينهن اڳ شادي جي خبر پئي: ڀاءُ
نورعين جي آپگهات کان 2 ڏينهن اڳ شادي جي خبر پئي: ڀاءُ
مَي 26, 2023
سيوهڻ ( ن پ ا) سيوهڻ جي عدالت نورعين جي قتل ڪيس جي جوابدارن کي جيل اماڻڻ واري درخواست رد ڪري ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدار محسن مهر عدالت کان شفاف جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪري ڇڏي
سيوهڻ جي عدالت ۾ نورعين قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي پوليس جوابدار محسن مهر ۽ جمن مهر کي پيش ڪيو،
جوابدار ڌر جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته محسن ۽ جمن کي رمانڊ تي ڏيڻ بدران جيل اماڻيو وڃي جيڪا عدالت رد ڪري جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
عدالت پوليس کيجوابدارن جو مقامي اسپتال مان طبي معائنو ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو
جوابدار محسن مهر جو چوڻ هو ته مون ڀيڻ کي قتل ناهي ڪيو, پوليس 3 ڏينهن لڳاتار تشدد ڪيو آهي ۽ لکيل اسڪرپٽ ڏئي قتل جي اقرار جو زبردستي بيان ورتو آھي ان لاء عدليا پوليس جي ايماندار آفيسرن کان صقف شفاف جاچ ڪرائي وڃي