نورعين فاطمه جي مڙس جي زندگي کي خطرو: محتاط ٿي ويو آهيان: منصور سومرو

مَي 19, 2023

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڀان سيد آباد لڳ قتل ٿيل پرائمري ٽيچر نورعين فاطمه مهر جي قتل واري معاملي کان پوء گذريل ڏينهن مقتولا ناري نورعين جي مڙس ۽ ڪيس جي فريادي منصور سومري جي گرفتاريء جون افواهون سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي گردش ڪري رهين هيون. اهڙين خبرن جي منصور سومري طرفان سختي سان ترديد ڪئي وئي آهي

منصور سومري ٽائيم نيوز سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو آهي ته مان گرفتار ناهيان ٿيو، البته زندگيء کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي ان ڪري محتاط ضروي ٿي ويو آهيان

هن جو چوڻ هيو ته ڪيس جي سلسلي ۾ مون سان پوليس ڀرپور تعاون ڪري رهي آهي، گڏوگڏ سول سوساٽي ۽ صحافين جي مثبت ۽ انسان دوست ڪردار سبب مون انصاف جي پوري پوري اميد آهي

هن جو چوڻ هيو ته هاڻي زندگيء جو هڪڙوئي مقصد ٺاهي ڇڏيو اٿم ته پنهنجي بيگناھ زال جي قاتلن کي ڦاسيء تي لٽڪائيندس پوء ڀلي ان جي پاداش ۾ منهنجي پنهنجي جان ئي ڇونه هلي وڃي

منصور سومري ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو جي مددگار ڪردار جي تعريف ڪندي اي ايس پي سيوهڻ بيدار بخت گوندل جا خاص ٿورا مڃيا جنهن جي وقتائتن قدمن جي ڪري کيس انصاف جي حاصلات جو پڪو آسرو پيدا ٿيو آهي

هن چيو ته اي ايس پي سيوهڻ زوري زبردستي جيڪڏهن نورعين جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرائي ها ته شايد معاملو دٻجي وڃي ها، منصور سومري اهو به چيو ته ڪيس کي خراب ڪرڻ لاء سندس ڪردار ڪشي شروع ڪئي وئي آهي پر هو مايوس نه ٿيندو

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن سموري سنڌي ميڊيا خاص طور تي ٽائيم نيوز کي دعائون ڏنيون جنهن سندس زال جي ناحق خون واري اشو کي وڏي پئماني تي اڀاريو

Leave A Comment