سيوهڻ (ن پ ا) ڀان سيدآباد ٿاڻي جي حد ۾ 25 ڏينهن اڳ مبينا قتل ڪيل ناري نورين فاطما مھر جي ڪيس جو چالان پوليس پيش نه ڪري سگهي.
پوليس چالان جمع ڪرائڻ لاءِ سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ ٽيھر مھلت جي درخواست جمع ڪرائي.
ايس ايڇ او درخواست ۾ ڄاڻايو ته نورين مھر جي ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار نورين جي والد محمد علي، ڀاءُ احسن مھر 12 جون تائين ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت مان ضمانت تي آھن، ان ڪري چالان پيش ڪرڻ لاء کين مھلت ڏني وڃي.
عدالت درخواست منظور ڪندي ڪيس جو چالان 15 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
قتل ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدار نورين فاطمه جو ڀاءُ محسن مھر ۽ چاچو جمن مھر پوليس تحويل ۾ آهن، جيڪي عدالتي حڪم تي جيل حوالي آهن.