نورعين قتل ڪيس، پوليس کي چالان لاءِ مهلت ڏني وئي

جُون 1, 2023

ڀان سيد آباد ( ن پ و) نورعين قتل ڪيس  جي حوالي سان سيوهڻ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، پوليس کي چالان جمع ڪرائڻ لاءِ 5 جون تائين مهلت ڏني وئي

ڀان سيد آباد ويجهو 15 ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ڪيل ماسترياڻي نورعين جي ڪيس جي حوالي سان سيوهڻ جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي

پوليس درخواست ڏني ته  ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدار محسن ۽ جمن مهر گرفتار ڪيا ويا هئا جيڪي عدالت جي حڪم تي جيل ۾ آهن جڏهن ته ناري جو والد حمد علي ۽ سندس ڀاءُ احسن مھر  5 جون تائين ضمانت تي آهن جنهن جي ڪري چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي

عدالت پوليس جي درخواست منظور ڪندي نورعين قتل ڪيس جو چالان 5 جون تائين پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي

ياد رهي ته نورعين قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن جمن ۽ محسن مهر کي عدالتي حڪم تي جيل اماڻيو ويو هو

Leave A Comment