سيوهڻ ( ن پ و) نورعين فاطمه قتل ڪيس ۾ عدالت جوابدارن کي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
ڀان سيدآباد پوليس قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن محسن مهر ۽ جمن مهر کي سيڪنڊ سول جج موڪل تي ھئڻ ڪري فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو
جوابدار ڌر جي وڪيل اشفاق سولنگي موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کي پوليس تشدد جو نشانو بڻائي رهي آهي جنهن جي ڪري ٻنهي جوابدارن کي جيل اماڻڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن
هن چيو ته پوليس کي جيڪا جاچ ڪرڻي ھئي اھا ڪري چڪي آھي جنهن جي ڪري انهن کي رمانڊ تي ڏيڻ جي ضرورت نه آهي
پوليس جو موقف هو ته جوابدارن جا موبائل ناھن ملي سگھيا ان لاءِ جوابدارن جو رمانڊ ڏنو وڃي
عدالت ٻنھي جوابدارن کي چالان پيش ڪرڻ تائين جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو
ناري جي والد سب انسپيڪٽر بابر سهتو جو چوڻ آهي ته منهنجي ڌيءَ سائمه کي مڙس سڪندر ۽ هن جي وڪيل ڀاءُ گدا حسين رٿابندي سان قتل ڪيو آهي، هن چيو ته جوابدار جو هڪ ڀاءُ سيشن جج به آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻڌايو پيو ُڇي ته ناري خلع لاءِ آيل هئي جنهن کي مڙس قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي