ڪوٽڙي (رپورٽر) نورعين قتل ڪيس جي جاچ ۾ ناري جو ننڍو ڀاءُ ۽ والد نوٽيس ملڻ باوجود پوليس کي بيان ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن
ڪيس جي جاچ ۾ شامل نورعين جو والد محمد علي ۽ ننڍو ڀاءُ احسن پوليس جي سڏائڻ باوجود بيان ڏيڻ کان انڪاري آهن
ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس پاران هٿو هٿ ۽ ڪوريئر ذريعي نوٽيس موڪلڻ باوجود قتل ڪيل نورعين جا مائٽ پوليس سان سهڪار نه پيا ڪن
ذريعن موجب جاچ دوران مقتولا ناري جو والد ۽ ننڍي ڀاء احسن کي به ناري جي قتل ۾ ملوث هجڻ جون شاهديون ملڻ بعد پوليس پاران کين جاچ ۾ شامل ڪري بيانن لاء نوٽيس موڪليا ويا آهن
ان حوالي سان ايس ايس پي ڄامشورو ڊاڪٽر فرخ رضا موجب مقتولا ناري جي والد ۽ ننڍي ڀاء کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاء نوٽيس جاري ڪيا آهن پر هو جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان لنوائين پيا
ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ناري جي والد ۽ ننڍي ڀاءُ پاران بيان نه ڏيڻ سبب جاچ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن
ايس ايس پي جو اهو به چوڻ هيو ته ڪيس جو حتمي چالان سموريون شاهديون ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ کان پوء عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.