ڀان سيد آباد( ن پ ا) نورعين فاطمه قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس ڀاءُ محسن مهر تي پوليس تشدد خلاف سول سوسائٽي ۽ مهر برادري طرفان ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو
مهر برادري ۽ سول سوسائيٽي سان واسطو رکندڙ سوين ماڻهن احتجاج ريلي ڪڍي پوليس ظلمن خلاف نعريبازي ڪئي، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو
احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس نورعين ڪيس ۾ سندس ڀاء محسن مهر کي گرفتار ڪري ڏوهه قبول ڪرائڻ لاءِ وحشياڻو تشدد ڪيو آهي
هنن چيو ته پوليس منصور سومري جي ونگار پئي وهي
احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي قتل نه ٿو ڪري سگهي، پوليس محسن کي ڏوهه قبول ڪرائڻ لاءِ وحشياڻو تشدد ڪري رهي آهي، اختياريون نوٽيس وٺي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائن