ڪوٽڙي( رپورٽر) نورعين ڪيس جي جاچ ڪندڙ اي ايس پي چيو آهي ته گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي جلد حقيقتون ظاهر ڪيون وينديون، ناري جي مڙسمنصور تي راڄوڻي ڪرڻ لاءِ به دٻاءُ وڌي ويو آهي
ڀان سيد آباد ويجهو بيدردي سان قتل ڪيل آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ماسترياڻي نورعين جي قتل جي جاچ ڪندڙ اي ايس پي بيدار بخت ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نورعين قتل ڪيس جي جاچ اهم موڙ تي پڄي چڪي آهي، ڪجھ ڏينهن اندر حقيقتن تائين پهڇي وينداسين
بيدار بخت جو چوڻ هيو ته گرفتار جوابدار محسن مهر کان پڇا ڳاڇا کان سواء به ڪيئي شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن جن جي آڌار تي تمام جلد نورعين جي قاتلن تائين پڄي حقيقتون ظاهر ڪنداسين.
اي ايس پي ته مان خدا کي حاضر ناض سمجهي ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهيان ۽ مون کي يقين آهي ته نورعين جي سان انصاف ٿيندو.
نورعين جي مڙس منصور سومرو جو چوڻ آهي ته مون تي راڄوڻي ڪرڻ لاء دٻاء وڌو پيو وڃي، 40 لک رپين جو اشو اٿاري فيصلو ڪرائڻ لاء زور وڌو وڌو پيو وڃي
هن چيو ته چاليهه لک ته ڇا پر چاليهه ڪروڙ ملن يا ڀلي زندگي هلي وڃي پر ڪيس تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندس.
هوڏانهن مقتولا ناري جي ننڍي ڀاء احسن مهر جو چوڻ آهي ته پوليس منهنجي ڀاء محسن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو بيگناهه آهي ڀيڻ به اسان جي وئي آهي ۽ پريشان به اسان کي ڪيو پيو وڃي.