سيوھڻ( ن پ ا) نورعين قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، چئن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، ناري جي ڀاءُ محسن جو چوڻ آهي ته پوليس تشدد ڪري ڏوهه قبول ڪرائڻ گهري ٿي
ڀان سيدآباد جي ڳوٺ گلشير مھر ۾ 7 ڏينهن اڳ قتل ڪيل ماسترياڻي نورعين جي ڪيس ۾ پوليس سيوهڻ جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ جوابدار محسن مهر ۽ جمن مهر کي پيش ڪيو
عدالت ۾ ميڊيا کي ڏسي جوابدار محسن دانهون ڪندي چيو ته پوليس مون مٿان ڀيڻ جو قتل قبول ڪرائڻ لاءِ وحشياڻو تشدد ڪري رهي آهي جنهن سبب منهنجي حالت خراب آهي
هن چيو ته مون کان ڀيڻ جي قتل جي ڏوهه جو اعتراف ڪرائڻ لاءِ پوليس روايتي ٽڪساٽ اپنائي رهي آهي جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي، مون کي پوليس حوالي ڪرڻ بدران جيل اماڻيو وڃي
جاچ آفيسر عدالت کي جوابدارن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن تي جوابدارن کي 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
عدالت پوليس کي محسن جو طبي معائنو ڪرائڻ جو حڪم ڏيڻ سان گڏ واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ ٻيو سامان 26 مئي تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي