نوريئڙي جي شرارتن نوجوان کي ڊزني پرنسز بڻائي ڇڏيو

نوريئڙي جي شرارتن نوجوان کي ڊزني پرنسز بڻائي ڇڏيو

نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) نوريئڙي جي شرارتن نوجوان کي ڊزني پرنسز بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ هو نوجوان ۽ نوريئڙي جي شرارتن جي انوکي وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن تي صارفين دلچسپ تبصرا ڪرڻ لڳا آهن. انسٽاگرام تي جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ديوانش نالي هو نوجوان  مانجهاندي وقت هڪ وڻ هيٺان اچي ويهي ٿو  ۽ پنهنجو ٽفن ٻاهر ڪڍي  رکي ٿو اڃا هو ماني کائڻ جي تيارين ۾ هجي ٿو ته ان وقت هڪ ننڍڙو نوريئڙو به پهچي وڃي ٿو . وڊيو ۾ نوريئڙي کي ڏسي ائين لڳي ٿو هو سالن کان ان جاءِ تي نوجوان جو مهمان بڻجي اچي ٿو. اهو منظر ڪنهن ڊزني فلم جو سين محسوس ٿئي ٿو. نوجوان جيئن پنهنجو ٽفن کوليو ته نوريئڙو سندس بلڪل ويجهي اچي ويو ۽ کيس ٽفن کولڻ ۾ مدد ڪئي، بعد ۾ نوجوان ماني جو ٽڪر ڪڍي  نوريئڙي کي ڏنو ته هو اتي ويهي نوجوان سان گڏ ماني کائڻ لڳو، وڊيو ۾ ٻنهي کي گڏ ماني کائيندي ڏسي دلچسپ تبصرا ٿيڻ لڳا، ڪجهه صارفين لکيو ته لڳي ٿو نوريئڙي ۽ نوجوان جي گهري دوستي آهي ۽ هو روز هڪ ٻئي سان گڏ ائين ئي  ماني کائيندا آهن. هڪ صارف نوجوان کي ڊزني پرنسز جو پڻ خطاب ڏئي ڇڏيو.