نوري آباد (رپورٽر) نوري آباد سانحي ۾ سڙي فوت ٿي ويل ڪي اين شاهه واسي 19 ڄڻن جي وارثن مالي سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
ڳوٺ دوست محمد ڀرڳڙي جي رھواسين انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، اڳواڻن چيو ته 12 آڪٽوبر تي ٻوڏ سبب ڪراچي لڏپلاڻ ڪري ويل خاندان واپس اچي رهيا هئا ته نوري آباد وٽ ڪوچ کي باهه لڳي وئي هئي
ڳوٺ دوست محمد ڀرڳڙي واسي 19ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا ھئا، وڏي وزير فوتين جي وارثن سان تعزيت ڪندي مالي امداد جو اعلان ڪيو هو
وارثن چيو ته فوتين جا ٻارڙا فاقا ڪاٽي رهيا آهن، سرڪار پنهنجا وعدا اڃا پورا نه ڪيا آهن، جيستائين وڏو وزير ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڳالهيون نه ڪندو ڌرڻو جاري رهندو