| نوري آباد ۽ ڀرپاسي حادثا ۽ واقعا: 2 فوت: 12 ڄڻا زخمي |
نوري آباد(ن پ ا) نوري آباد ۽ ڀرپاسي ٽن مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، خبر موجب نوري آباد ويجهو ڳوٺ موسو جاکرو ڀرسان واقع ڪريش پلانٽ پورھيو ڪندڙ پورھيت نوجوان صدرجاکروبجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، لڪي سيمنٽ فيڪٽري وٽ گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار سيد حسن عباس ٿڏي تي فوت ٿي ويو. نوري آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ سوزوڪي پڪ اپ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ٺٽو جي علائقي سونڊا جي ڳوٽ سان تعلق رکندڙ خاصخيلي برادري جي مردن عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي ريسڪيو 1122 نوري آباد سينٽر جي اھلڪارن پاران موقعي تي ئي طبي امداد ڏيئي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ سومار خاصخيلي زھره، ڪونج، ڪزبانو، نصيبان، ڪريم بخش گلزار سميت ٻيا شامل هئا.