| نور زمان چيف آف دي ايئر اسٽاف انٽرنيشنل اسڪواش چيمپئن شپ کٽي ورتي |
اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي نور زمان هڪ دلچسپ مقابلي کانپوءِ چيف آف دي ايئر اسٽاف انٽرنيشنل اسڪواش چيمپيئن شپ کٽي ورتي.اسلام آباد جي مصحف اسڪواش ڪمپليڪس ۾ 37,000 ڊالر جي انعامي رقم سان چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ 2 سيڊڊ ۽ ورلڊ انڊر 23 چيمپيئن نور زمان سيڊڊ 10 حمزه خان کي 2-3 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽيو.رپورٽن مطابق، حمزه خان پهرين گيم 9-11 ۽ ٻي گيم 7-11 تان کٽي، پر ورلڊ نمبر 42 نور زمان راند ۾ واپس ڪئي ۽ ايندڙ ٽي رانديون کٽي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.اڳوڻي ورلڊ چيمپيئن قمر زمان جي پوٽي نور زمان ٽئين گيم 7-11، چوٿين گيم 4-11 ۽ پنجين فيصلي واري گيم 8-11 تان کٽي ٽرافي کٽي ورتي.