نور مقدم قتل: تفصيلي فيصلو جاري

جُون 12, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نور مقدم قتل ڪيس ۾ جوابدار ظهير جعفر جي موت جي سزا برقرار رکڻ جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ نور مقدم قتل ڪيس ۾ جاري ڪيل پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته ٻنهي هيٺين عدالتن جا فيصلا متفقه طور تي درست قرار ڏنا ويا آهن، ظاهر جعفر همدردي جي لائق ناهي، هو نور مقدم جو بي رحم قاتل آهي.

عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مجرم پاران نور مقدم تي ڪيل جسماني تشدد جي سي سي ٽي وي وڊيو، ڊي وي آر ۽ هارڊ ڊسڪ قابل قبول ثبوت آهن، جڏهن ته وڊيو رڪارڊنگ ۾ ڪا به تبديلي ثابت نه ٿي آهي ۽ جوابدار جي سڃاڻپ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڊي اين اي رپورٽ ۾ ريپ جي تصديق ٿي، مقتول جو رت قتل جي هٿيار تي موجود هو.

عدالتي فيصلي موجب ظهير جعفر جي قتل جي موت جي سزا برقرار رکي وئي آهي ۽ ريپ جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌوءَ ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ ، گڊو بيراج وٽ ننڍي ٻوڏ

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ