نور مقدم قتل ڪيس: جوابدار جي موت سزا خلاف نظرثاني درخواست رد

نور مقدم قتل ڪيس: جوابدار جي موت سزا خلاف نظرثاني درخواست رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نور مقدم قتل ڪيس ۾ مجرم ظاهر جعفر جي موت جي سزا خلاف نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي. 12 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس اشتياق ابراهيم جي لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي موجب جوابدار اهڙا ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جن جي بنياد تي اڳوڻي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي. ظاهر جعفر جي استدعا هئي ته ذهني مريض هجڻ جي بنياد تي سندس موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو وڃي، جڏهن ته جوابدار اهڙو ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو، جيڪو عدالت کي پنهنجي اڳوڻي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ قائل ڪري سگهي. رڪارڊ مان ثابت ٿئي ٿو ته جوابدار انتهائي سنگين ڏوهه جو مرتڪب ٿيو آهي. جوابدار جو ڏوهه اهڙو نه هو، جنهن ۾ سندس سزا گهٽائي سگهجي. فيصلي ۾ چيو ويو ته نظرثاني جي مرحلي تي عدالت جو دائره اختيار انتهائي محدود هوندو آهي ۽ نظرثاني واري درخواست کي اپيل طور قبول نٿو ڪري سگهجي.فيصلي موجب اسلام عورتن کي بيحد تحفظ ۽ احترام فراهم ڪيو آهي، عورتن تي تشدد ڪرڻ ۽ کين عدم تحفظ جو شڪار بڻائڻ شرعي ۽ دنياوي قانونن جي خلاف آهي. فيصلي ۾ گڏيل قومن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته سال 2026ع ۾ 50 هزار عورتون واقف ماڻهن يا گهرڀاتين جي هٿان قتل ٿيون. ٽرائل ڪورٽ ظاهر جوابدار جعفر کي نور مقدم سان زيادتي ۽ سندس قتل جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کي هاءِ ڪورٽ ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ پڻ برقرار رکيو هو.