نوشهروفيروز: اڻ رجسٽرڊ مدرسا ۽ پيٽرول پمپ سيل: بجلي چورن خلاف ڪيسن جو حڪم

نوشهروفيروز: اڻ رجسٽرڊ مدرسا ۽ پيٽرول پمپ سيل: بجلي چورن خلاف ڪيسن جو حڪم

نوشهرو فيروز (رپورٽ: مختيار سهتو) نوشهرو فيروز جي ڊي سي ارسلان سليم ضلعي ۾ امن امان برقرار رکڻ، اڻ رجسٽرڊ مدرسا ۽ غير قانوني پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ، بجلي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،  ڪالهه  اجلاس ۾ چيو ته ضلعي ۾ هلندڙ اڻ ر رجسٽرڊ مدرسن کي سيل ڪيو وڃي،  هن چيو ته سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر، پوليس کاتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن سان گڏجي هفتي اندر غير رجسٽرڊ مدرسن جا دورا ڪري کين رجسٽريشن لاءِ راضي ڪن، ٻي صورت ۾ انهن کي سيل ڪيو وڃي، هن  سيپڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته بجلي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرايا وڃن اجلاس ۾ ايس ايس پي روحل کوسو چيو ته منشيات، بجلي چورن،  غير قانوني پيٽرول پمپن ۽ پيٽرول ايجنسين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊپٽي ڪمشنر سوشل ويلفيئر  کاتي کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ ٻارن جو جبري پورهيو روڪڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪن، انهي لاءِ هڪ وڊيو تيار ڪري سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هلائي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سڀني تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر  ۽ ٻين ادارن سان گڏجي  غير قانوني پيٽرول پمپن کي سيل ڪن. ڊپٽي ڪمشنر ضلعي ۾ قومي شاهراهن جي خراب حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن ضلعي ۾ پينو فقيرن ۽ غير قانوني قبضن خلاف آپريشن کي تيز ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا