| نوشهروفيروز جا آبادگار مايوس، چيچڙن وسيلي ڳڙ ٺاهي ڪمند نيڪال، منڊين ۾ واڪ وسيلي وڪرو |
لاکاروڊ (رپورٽ: غلام محمد زرگر) ضلعي نوشهروفيروز ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ ڪمند جو فصل شگر ملن ۾ نه کپڻ بعد ڪيترن ئي آبادگارن پنهنجي مدد پاڻ تحت روايتي ”چيچڙا“ لڳائي ڳڙ ۽ مٺائي تيار ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ڳڙ منڊيون به لڳي رهيون آهن. ضلعي نوشھروفيروز جي مختلف شهرن لاکاروڊ، ڀريا روڊ، محراب پور ۽ نوشهروفيروز جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هن وقت هر طرف چيچڙا هلي رهيا آهن. آبادگارن جو چوڻ آهي ته جڏهن سيارو شروع ٿيندو آهي ۽ ڪمند ۾ مٺاس وڌندي آهي ته هو ملن کي بہ ڪمند ڏيندا آهن پر گهڻو ڪري پاڻ ڳڙ تيار ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. لاکاروڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقي جي ڳوٺن ۾ ڳڙ تيار ٿيڻ بعد اناج منڊي لاکاروڊ ۾ پيڍي جي دڪانن تي پهچايو وڃي ٿو، جتي ڳڙ توڙي مٺائي کي ٻورين مان ڪڍي کوڙا ڪري رکيو وڃي ٿو، جنھن کان پوءِ منڊي جا واپاري هرهڪ دڪان تي پهچي اتي رکيل ڳڙ تي واڪ ڏيئي خريد ڪن ٿا. واڪ جي ٽائيم تي مقامي واپارين کان علاوه حيدرآباد، ڪراچي، لاهور پشاور ئي ڪوئيٽا جا واپاري واڪ تي گڙ توڙي مٺائي خريد ڪن ٿا. هن سيزن ۾ 5500 کان 7500 روپيا في مڻ ڳڙ وڪرو ٿي رهيو آهي. آبادگارن اقبال احمد ڏاھري، شوڪت علي آرائين، ملڪ سعيد امير اعواڻ ۽ ٻين ٻڌايو تہ ڪمند مل کي موڪلڻ جي نسبت پاڻ ڳڙ ٺاھڻ ۾ فائدو آهي پر ڳڙ جي تياري ۾ محنت تمام گهڻي ٿئي ٿي. لاکاروڊ اناج منڊي ۾ اربع ۽ ڇنڇر جي ڏھاڙي ڳڙ جو واڪ ٿئي ٿو، اناج منڊي لاکاروڊ ۾ پيڍي جا تقريبآ 50 کان وڌيڪ دڪان آھن، جتي اٽڪل 500 مڻ ڳڙ تي هڪ ڏينهن م واڪ تي خريداري ٿئي ٿي. لاکاروڊ اناج منڊي ۾ جيتوڻيڪ ڪڻڪ، ڦٽي سميت ٻين زرعي جنسن جو وڪرو ٿئي ٿو اتي قديم وقت کان ڳڙ جي منڊي طور پڻ مشھور آھي. محرابپور اناج منڊي ۾ روزانو جي بنياد تي ڳڙ توڙي مٺائي جو واڪ ٿئي ٿو، جڏهن تہ ڀرياروڊ اناج منڊي ۾ ڇنڇر، سومر ۽ اربع جي ڏينهن تي واڪ ٿيندو آهي.
| ڳڙ ٺاهڻ لاءِ چيچڙي، لوهي ڪڙاهن، ڪاٺ جو گهنڊ استعمال |
لاکاروڊ: چيچڙن ذريعي ڪمند جو رس ڪڍيو وڃي ٿو ۽ وڏن لوهي ڪڙاهن ۾ رس کي باهه تي هڪ ڪلاڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين پچايو وڃي ٿو جڏهن ڪمند جي رس پچي پت ٺھي وڃي ٿي ان بعد ڪاٺيء جي ٺهيل گهنڊ ۾ تيار ٿيل پت کي وجھي ٿورو ٺاري ان جا پيڙا (دميون) ٺاهيا وڃن ٿا.
خاص ڳڙ جي تياري لاءِ سونف، کارڪون خشڪ ميون جو استعمال
لاکاروڊ: اسپيشل ڳڙ تيار ڪرڻ ۽ ذائقيدار ٺاهڻ لاءِ ان ۾ سؤنف، کارڪون ۽ پستا، بادام ۽ ٻيا خشڪ ميوا ۽ تر پڻ شامل ڪيا وڃن ٿا، جنهن کي مقامي ماڻهو شوق سان خريد ڪن ٿا ۽ دوستن کي تحفي طور پڻ موڪلين ٿا.
ڳڙ سپرفوڊ، کنڊ کان وڌيڪ معدنيات، هاضمي ۾ به مفيد
لاکاروڊ: ڳڙ (Jaggery) نه صرف ذائقي ۾ مٺو هوندو آهي، بلڪه هي صحت لاءِ ڪيترن ئي فائدن سان ڀرپور آهي. ان کي “سپر فوڊ” به چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ کنڊ جي مقابلي ۾ تمام گهڻي معدنيات (Minerals) ۽ وٽامن هونديون آهن. ڳڙ کائڻ سان معدي جا اينزائمز متحرڪ ٿين ٿا، جيڪي کاڌي کي جلد هضم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. عام طور تي ماني کائڻ کانپوءِ ٿورو ڳڙ کائڻ سان گئس ۽ بدهاضمي جي شڪايت ختم ٿي ويندي آهي. ڳڙ ۾ آئرن (Iron) تمام وڏي مقدار ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن ان کي روزانو استعمال ڪيو وڃي ته هي جسم ۾ هيموگلوبن جي سطح کي وڌائي ٿو ۽ رت جي کوٽ کي قدرتي طور تي پورو ڪري ٿو. ڳڙ جگر کي صاف ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هي جسم مان زهريلا مادا خارج ڪري رت کي صاف ڪري ٿو، جنهن سان چمڙي تي به سٺو اثر پوي ٿو. ان ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ زنڪ جهڙا معدنيات هوندا آهن جيڪي جسم جي بيمارين سان وڙهڻ جي طاقت (Immunity) کي وڌائين ٿا.
سياري ۾ ڳڙ جو استعمال زڪام، کنگهه ۽ نڙيءَ جي سور جو علاج
لاکاروڊ: سياري ۾ ڳڙ جو استعمال نڙيءَ جي سور، کنگهه، زڪام ۽ بلغم کي ختم ڪرڻ لاءِ بهترين آهي. هي ڦڦڙن جي نالين کي صاف رکڻ ۾ مدد ڪندو آهي. کنڊ کائڻ سان رت ۾ شگر هڪدم وڌي ويندي آهي، پر ڳڙ هڪ ڪامپليڪس ڪاربوريٽ آهي، جيڪو جسم کي آهستي آهستي ۽ گهڻي دير تائين توانائي مهيا ڪري ٿو. عورتن کي حيض (Periods) دوران ٿيندڙ تڪليف ۽ جسماني سور کي گهٽائڻ ۾ ڳڙ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿئي ٿو. شگر جي مريضن کي ڳڙ جو استعمال ڊاڪٽر جي مشوري مطابق استعمال ڪرڻ گهرجي.