نوشهروفيروز: شاخ تي پل نه هجڻ سبب جنازو ڪاٺي تان گذاريو ويو

اپريل 24, 2025

نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهرفيروز جي يونين ڪاؤنسل نور پور جي ڳوٺ نور محمد لغاري ۾ جنازو شاخ تي پل نه هجڻ سبب ڪاٺي تان گذارڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آھي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻه ڳوٺاڻا پل نه ھجڻ سبب جنازو ڏکئي مرحلي ۾ شاخ تي رکيل ڪاٺي تان کڻي قبرستان کڻي وڃي رھيا آھن، جڏهن ته ڪاٺي ڪمزور هجڻ سبب جنازو پاڻي ۾ ڪرڻ جو خطرو پڻ هو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ کان قبرستان ڏانھن وڃڻ لاءِ پل ناھي، جنھن ڪري قبرستان ڏانھن جنازو کڻي وڃڻ وڏو مسئلو آھي، ھنن چيو ته چونڊيل نمائندا ڌيان نه ٿا ڏين ۽ بار بار دانھن باوجود مسئلو حل نه ٿو ڪيو وڃي، ھنن چيو ته شاخ تي پل ٺھرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.

Leave A Comment