نوشهروفيروز: شنوائي تي آندل قيدي فرار: 3 اهلڪار گرفتار

نوشهروفيروز: شنوائي تي آندل قيدي فرار: 3 اهلڪار گرفتار

نوشهرو فيروز (رپورٽ: مختيار سهتو) نوشهروفيروز جيل جو قيدي سيشن ڪورٽ مان پوليس جي غفلت سبب فرار: 3اهلڪار ڪوارٽر  گهاٽ: ان ڏس ۾ ضلعي جيل کان پيشي تي  ڪورٽ آندل درياءِ خان مري واسي  قيدي سڪندر ولد علي اصغر مري پوليس جي غفلت سبب فرار ٿي ويو، جوابدار مٿان درياخان مري ٿاڻي تي ڦرن ۽ چورين سميت 4 ڪيس داخل ٿيل هئا، جوبدار  جي فرار  وقت غفلت جو مظاهرو ڪندڙ اي ايس آءَ نظير سيال، جمعدار عمر سولنگي ۽ سپاهي وقار راجپوت کي ڪوارٽر گهاٽ ڪري مٿن ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، پوليس  قيدي سڪندر مري کي ڳوٺ علي خان مري ڀرسان ڍوري مان گرفتار ڪري ورتو