نوشهروفيروز مقابلو جڙتو قرار: مارجي ويل شاھه محمد چانڊيو جي امڙ پاران پاڻ ساڙڻ  جي ڪوشش

نوشهروفيروز مقابلو جڙتو قرار: مارجي ويل شاھه محمد چانڊيو جي امڙ پاران پاڻ ساڙڻ  جي ڪوشش

نوشھروفيروز(رپورٽ : غلام شبير اڄڻ) نوشھروفيروز ويجھو ٺاروشاھه لنڪ روڊ تي ھڪ مھينو اڳ پوليس مقابلو ڄاڻائي  فل فرائي ڪيل نوجوان شاھه محمد چانڊيو جي امڙ اسلام بي بي چانڊيو انصاف لاءِ پنھنجي مٿان پيٽرول ھاري باھه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، موقعي تي موجود سندس وارثن کيس بچائي ورتو. اسلام بي بي انصاف لاءِ دانھون ڪندي بيھوش ٿي زمين تي ڪري پئي، جنھن کي موجود وارثن ھوش ۾ آندو. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالھائيندي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن اسلام بي بي چانڊيو، شعبان چانڊيو، رضوان چانڊيو، شمشاد بيگم چيو ته پوليس شاهه محمد گھران گرفتار ڪيو هو، ھنن الزام ھڻندي چيو ته  ڊي ايس پي نوشھروفيروز سردار چانڊيو ۽ ايس ايچ او راجا نويد شاهه محمد جي آزادي لاءِ 5 لک رپيا گھريا ھئا، رشوت نه ڏيڻ تان پوليس اسانجي نوجوان کي جڙتو مقابلو ڏيکاري ماري ڇڏيو. ھنن چيو ته شاهه محمد تي ڪو ڪيس ھو ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ھا، پوليس کي ڪنهن شهري کي قتل ڪرڻ جو حق ڪنھن ڏنو ھو؟  ھنن چيو ته  اسان انصاف لاءِ ڪورٽ ويا آھيون پر رڳو تاريخون ملن ٿيون، ھنن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ  جي  چيف جسٽسن، سيشن جج، گھرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪندي چيو ته  جڙتو مقابلي جي عدالتي جاچ ڪرائي ملوث پوليس آفيسرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ، هنن  چيو ته  اسان انصاف لاءِ اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ اڳيان احتجاج ڪنداسين.