نوشهروفيروز ۾ برسات متاثرن لاءِ آيل سامان خراب ٿيڻ واري مبينا وڊيو وائرل
نومبر 8, 2023
ڀرياسٽي: نوشهروفيروز ۾ برسات متاثرن لاءِ آيل سامان خراب ٿيڻ واري مبينا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي
ذريعن موجب ڊي سي ڪامپليڪس نوشهروفيروز ۾ پراڻي سوشل ويلفيئر آفيس ۾ متاثرن لاءِ آيل سامان خراب ٿيڻ لڳو آهي
برسات متاثرن لاءِ آيل کاڌي پيتي جو سامان، مڇرداڻيون ۽ ٻيو سامان متاثرن کي ملڻ بدران خراب ٿي رهيو آهي
ذريعن موجب اڳوڻي ڊي سي تاشفين عالم جي دور ۾ سامان آيو هو، جيڪو متاثرن کي ڏيڻ بدران لڪائي رکيو ويو هو