نوشهروفيروز( رپورٽر) نوشهروفيروز ميونسپل ڪميٽي جي آفيسرن پاران ملازمن جي تذليل جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، فائي عملو گٽرن اندر وڃي صفائي ڪرڻ تي مجبور آهي
گٽرن جي صفائي لاءِ مشينري استعمال ڪرڻ بجاءِ ميونسپل جي ملازم کي گندي پاڻي ۾ لاھي صفائي ڪرائڻ تي شهرين پاران تعجب جو اظهار ڪيو ويو آهي
ملازم بدبودار ۽ غلاظت سان ڀريل پاڻي ۾ ٽٻيو ھڻي گٽر صاف ڪرڻ تي مجبور آھن. گٽر صاف ڪندڙ ملازم کي آڪسيجن ڪٽ کان بغير گٽر ۾ لاٿي ُڃي ٿي
شهرين طرفان صفائي عملي جي تذليل بابت اختيارين کي آگاهي ڏئي آهي پر ڪوبه نوٽيس نه پيو ورتو وڃي، سياسي سماجي ڌرين وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي