نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز عدالت قتل ڪيس ۾ 10 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي
نوشهروفيروز جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ڪرمنل ڪورٽ جي جج نزاڪت ٽانوري جوابدارن کي سزا ٻڌائي، سزا ھيٺ آيل جوابدارن ۾ رمضان، اعجاز، اظھار، انور، جاويد، امتياز، اعزاف، ڪمال، ساجن ۽ اختيار ڪلھوڙو شامل آھن
عدالت جوابدارن کي قلم 302 ۾ عمر قيد جي سزا، قلم 324 ۽ 147 تحت پنج سال ۽ ھڪ سال جي سزا ٻڌائي. جڏھن ته عدالت پاران ھر ھڪ جوابدار مٿان ڏھ ڏھ لک ڏنڊ به لڳايو آھي. جوابدارن پسند جي شادي تان نوجوان کي قتل ڪيو ھو
نوجوان نديم ڪلھوڙو کي 31 آڪٽوبر 2021 ۾ ڪنڊيارو ۾ زخمي ڪيو ويو، زخمي بعد ۾ علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ھو