نوشهروفيروز ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل حمزا ڪرڪيٽ ڪلب کٽي ورتو

نوشهروفيروز ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل حمزا ڪرڪيٽ ڪلب کٽي ورتو

نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهرو فيروز گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ تي دي ينگ ٽيلنٽ ونٽر پاران ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مجموعي طور 16 ٽيمن شرڪت ڪئي، فائنل حمزا ڪرڪيٽ ڪلب ۽ علي ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ کيڏيو ويو، حمزا ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 7 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته سندس سامهون واري ٽيم جواب ۾ علي ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم مقرر 7 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 130 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ميچ هارائي ويٺي، حمزا ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو فاتح ٽيم جي مسرور سولنگي کي 97 رنسون ٺاهڻ ۽ ٻه وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ٽورنامينٽ جي اختتام واري  تقريب جا مهمان خاص سٽي سپر مارٽ جو مالڪ رياض حسين وڳڻ، اڪرم پيرزادو، ڪائونسلر شاهد حسين خانزاده ۽ سهيل احمد راڄپر هئا، مهمان خاص رياض حسين وڳڻ فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ 5 هزار رپيا ڪيش، جڏهن ته رنر اپ ٽيم کي ٽرافي ۽ 3 هزار رپيا انعام ڏنو، آخر ۾ ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر امجد سومرو، شيراز راڄپر، مبين ميمڻ ۽ رضوان ميمڻ کي شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ پيش ڪيا ويا،